Book Name:Muhaddis e Azam

جي مُسڪرائڻ واري ادا تي جيڪڏهن اوهان نه مُسڪرائيندا ته ڀَلا ٻيو ڪهڙو موقعو هوندو؟[1]

روئيندي روئيندي سُڏڪا ڀَرڻ لڳا

   1955ء جي ڳالھ آهي، محدثِ اعظم پاڪستان، مولانا سردار احمد چشتي قادري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه حديث شريف جو سبق پڙهائي رهيا هئا، درس جي دوران مشڪوٰة شريف جي اها حديث پڙهي وئي جنهن ۾ پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي سَرِ انور ۾ سُور ۽ ڪپڙو ٻڌڻ جو ذڪر آهي. حُضور محدثِ اعظم پاڪستان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه  ان حديثِ پاڪ تي گفتگو ڪندي فرمايو: جڏهن سرڪار ( صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ) جي سَرِ انور ۾ سور هو ۽ پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڪپڙي سان مٿي مبارڪ کي ٻڌو هو، پاڻ ان وقت منبر تي تشريف فرما هئا، سَرِ انور ۾ سورَ جي شدّت جي ڪري پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو ڪپڙي سان ٻڌڻ جڏهن يارِ غار حضرت صديقِ اڪبر رَضِىَ اللهُ عَنْه ڏٺو هوندو ته انهن جو ڇا حال ٿيو هوندو؟ جڏهن فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه ڏٺو هوندو ته انهن تي ڇا گذري هوندي؟ حضرت بلال رَضِىَ اللهُ عَنْه به جڏهن هي منظر ڏٺو هوندو ته انهن ڇا محسوس ڪيو هوندو...؟؟

   انهيءَ طرح سورَ جي شدت ۾ صحابهءِ ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهم تي پيش اچڻ وارا احوال بيان فرمائي رهيا هئا، محسوس ٿيندو هو ته سرڪار ( صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ) جي سَرِ انور ۾ سورَ جي تڪليف پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه به محسوس فرمائي رهيا آهن، جيئن ته دورانِ بيان پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه تي اهڙي رقت طاري ٿي جو روئيندي روئيندي سُڏڪا ڀَرڻ لڳا ۽ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه درس جي حلقي مان اٿي اندر تشريف کڻي ويا. ان کان بعد خبر ناهي ته هيءَ ڪيفيت ڪيتري دير تائين رهي.[2]


 

 



[1] حیاتِ مُحَدِّثِ اَعْظَم،صفحہ:61 ۔

[2] حیاتِ مُحَدِّثِ اَعْظَم ،صفحہ:62 بتغیر قلیل۔