Book Name:Muhaddis e Azam

سنّت ملحوظ رکندا هئا. مُسلسل سبقَ جي مطالعي ۾ غرق، گهٽ کائڻ، گهٽ سمهڻ ۽ ڏينهن رات علمِ دين جي حصول ۾ مصروف رهڻ سندن معمول هو.[1]

  اي عاشقانِ رسول! اسان کي به دل ۾ علم ۽ عمل جو شوق وڌائڻ گهرجي. (1): حضرت ابو اُمامه باهلي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: سرڪارِ مدينه صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي بارگاھ ۾ 2 ماڻهن جو ذڪر ڪيو ويو، انهن مان هڪ عالِم هو ۽ ٻيو عبادت گذار، ته پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: عالِم جي فضيلت عبادت گذار تي ائين آهي جيئن منهنجي فضيلت توهان جي ادنٰي تي، پوءِ پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: الله پاڪ، ان جا ملائڪ، آسمانن ۽ زمين جي مخلوقات ايستائين جو ڪِوليون پنهنجي سوراخن ۾ ۽ مڇيون ماڻهن کي (دين جو) علم سيکارڻ وارن تي دُرود موڪلين ٿيون.[2] (2): مڪي مدني سرڪار، ٻنهي جهانن جي مالڪ ۽ مختار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: (قيامت جي ڏينهن) عالِم ۽ عبادت گذار کي آندو ويندو ۽ عبادت گذار کي چيو ويندو: تون جنّت ۾ داخل ٿي وڃ جڏهن ته عالِم کي چيو ويندو ته تون بيھ ۽ ماڻهن جي شفاعت ڪر ڇوته تو انهن جي اخلاقن کي سنواريو آهي.[3]

(2):  عشقِ رسول

   حُضور محدثِ اعظم پاڪستان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه سڀني کان نمايان خوبي عشقِ رسول آهي، پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي محبت سندن رڳ رڳ ۾ سمايل هئي.

 منقول آهي: مَنْ اَحَبَّ شَیْئاً اَکْثَرَ ذِکْرَہٗ يعني جيڪو جنهن سان محبت ڪندو آهي، ان جو ذڪر ڪثرت سان ڪندو آهي، حُضور محدثِ اعظم پاڪستان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه سچا عاشقِ رسول هئا، لهٰذا سندن سڀني کان محبوب ۽ پسنديده وظيفو ذڪرِ


 

 



[1] حیاتِ مُحَدِّثِ اَعْظَم،صفحہ:38 خلاصۃً ۔

[2] ترمذی،ابواب  العلم،باب ما جاء فی فضل الفقہ علی العبادۃ،صفحہ:632 ،حدیث:2685۔

[3] شُعَبُ الْاِیمان،جلد:2 ،صفحہ:268 ،حدیث:1717۔