Book Name:Muhaddis e Azam

مصطفٰي هو، پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جون حديثون پڙهڻ، سندن فضائل ۽ ڪمالات بيان ڪرڻ، نعتِ مصطفٰي، ذڪرِ مصطفٰي سان زبان تَر رکڻ محدثِ اعظم پاڪستان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي مبارڪ سيرت جو لازمي حصو هو. ڪڏهن ڪڏهن پاڻ ريلوي اسٽيشن يا بَس جي اڏي تي پهچندا ۽ گاڏي يا بَس ۾ ڪجھ دير هوندي هئي ته پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه قصيدو برده شريف، نعت خواني ۽ ذڪرِ پاڪ جو سلسلو شروع ڪرائي ڇڏيندا هئا، اهڙيءَ طرح گاڏي ۾ به نعت شريف ۽ ذڪرِ پاڪ، وعظ ۽ تقرير وغيره جو سلسلو جاري رهندو هو.[1]

حديثِ پاڪ پڙهائڻ جو خوب صورت انداز

  حُضور محدثِ اعظم پاڪستان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي خصوصي سڃاڻپ حديث شريف آهي. پاڻ حديثِ پاڪ پرهائيندا هئا. سندن معمول مبارڪ هو ته حديثن جي شرح بيان ڪندي وقت رسولِ اڪرم، سَروَرِ دو عالَم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو ذڪرِ پاڪ ۽ اوصافِ حميده به ضرور بيان فرمائيندا هئا، حديث پڙهندي پڙهائيندي جهومندا ۽ عشقِ مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ۾ اکين مان نيرَ وهندا رهندا هئا، پاڻ فرمائيندا هئا ته جڏهن ماڻهو بيمار ٿيندا آهن، بخار يا مٿي ۾ سور ٿيندو آهي ته اهي دَوا کائيندا آهن، پر مون کي تڪليف ٿيندي آهي ته مان حديثِ مصطفٰي پڙهائيندو آهيان جنهن سان مون کي آرام اچي ويندو آهي.[2]

   حديثِ شريف پڙهائڻ ۾ هڪ مبارڪ انداز هي به هو ته حديث ۾ پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مُسڪرائڻ جو ذڪر ايندو ته ان اداءِ مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي اپنائڻ جي لاءِ پاڻ به مُرڪندا هئا ۽ طلبا کي به هدايت ڪندا هئا جيڪڏهن ڪنهن جي چپن تي مُسڪراهٽ نه ڏسندا ته مخاطب ڪندي فرمائيندا: اوهان جي چپن تي مُسڪراهٽ ڇو نه آهي؟ رسولِ پاڪ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ


 

 



[1] حیاتِ مُحَدِّثِ اَعْظَم،صفحہ:151-152ملتقطاً۔

[2] حیاتِ مُحَدِّثِ اَعْظَم،صفحہ:153 خلاصۃً۔