Book Name:Muhaddis e Azam

(4): محدثِ اعظم پاڪستان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ۽ مسجدن جي تعمير

   حُضور محدثِ اعظم پاڪستان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه کي مسجدون ٺهرائڻ جو ڏاڍو شوق هو. فيصل آباد (پنجاب پاڪستان) تشريف وٺي اچڻ کان بعد پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ڪيتريون ئي مسجدون تعمير ڪرايون ۽ ڪيئي مسجدن جو سنگِ بنياد پاڻ رکيائون.

   هي يقيناً حُضور محدثِ اعظم پاڪستان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي ڪرامت ئي آهي جو پاڻ دورانِ سفر ڪهڙي به غير آباد مقام تي نماز ادا فرمائيندا هئا ته اها جڳھ آباد به ٿي ويندي ۽ ان جڳھ تي مسجد به تعمير ٿي ويندي هئي. هڪ ڀيري پاڻ دورانِ سفر اڏي مُريد والا (ضلع فيصل آباد) ۾ نمازِ عصر ادا فرمائي، قريبي هڪ نهر مان وضو ڪيائون: ان وقت اتي نه آبادي هئي، نه ڪا مسجد، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه خالي جڳھ نماز ادا ڪئي، نماز کان بعد دعائيه انداز ۾ فرمايائون: ڪاش! جو هتي سُنين جو هڪ مدرسو ۽ هڪ مسجد هجي ته هي جڳھ آباد ٿي وڃي. اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! هاڻي اها جڳھ آباد آهي ۽ اتي عاشقانِ رسول جو هڪ مدرسو ۽ شاندار مسجد تعمير ٿي چڪي آهي.[1]

(5): نماز ادا ڪرڻ جي برڪت سان مسجد تعمير ٿي وئي

   ائين ئي هڪ ڀيري حُضور محدثِ اعظم پاڪستان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ڪنهن ديني جلسي ۾ شرڪت جي لاءِ ساهيوال تشريف وٺي ويا. واپسي تي خانيوال جي طرف سفر ٿيو، ان سفر جي دوران پاڻ فجر جي نماز خانيوال اسٽيشن تي ادا ڪيائون، (انهن ڏينهن ۾ خانيوال اسٽيشن تي مسجد نه هئي) اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه!حُضور محدثِ اعظم پاڪستان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جنهن جڳھ نمازِ فجر ادا فرمائي هئي، هاڻي اتي


 

 



[1] حیاتِ مُحَدِّثِ اَعْظَم ،صفحہ:117۔