Muhaddis e Azam

Book Name:Muhaddis e Azam

تمام گهڻو جذبو رکندا هئا * پاڻ دارُ العلوم منظرِ اسلام (بريلي شريف) مان علم حاصل ڪيائون * پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه حُجَّةُ الاسلام مولانا مفتي حامد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه، مفتيءِ اعظم هند مولانا مفتي مصطفٰي رضا خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ۽ صدرُ الشّريعه مفتي امجد علي اعظمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جا نهايت پيارا شاگرد هئا * جن ڏينهن ۾ محدثِ اعظم پاڪستان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه منظرِ اسلام بريلي شريف زيرِ تعليم هئا انهن ڏينهن ۾ مدرسي ۾ بجلي جو انتظام نه هو جيئن ته ساٿي شاگردن جي سمهڻ کان بعد به مُحلا سوداگران ۾سرڪاري لائٽن جي روشني ۾ پنهنجو سبق ياد ڪندا هئا جڏهن شفيق استادن کي هن ڳالھ جي خبر پئي  ته انهن سندن ڪمري ۾ لائٽ جو بندوبست ڪري ڇڏيو * پاڻ  رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه مسجد ۾ حاضر ٿيندا ۽ نمازِ باجماعت ۾ ڪجھ دير هوندي هئي ته ڪنهن ڪتاب جو مطالعو شروع ڪري ڇڏيندا هئا * اهڙيءَ طرح نمازِ عشاء کان بعد ڪتاب سامهون رکي ڪري ويهي رهندا ۽ مطالعو ڪندا هئا، ڪڏهن ڪڏهن فجر جون اذانون شروع ٿي وينديون هيون * استادِ محترم صدرُ الشريعه مفتي امجد علي اعظمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه سندن تمام گهڻي محنت ڏٺي ته خادم کي هدايت فرمائي ته سردار احمد کي نماز مغرب کان پهريان کارائي ڇڏيندو ڪر ته جيئن مطالعي ۾ حرج نه ٿئي.[1]

    هڪ ڀيري پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي اکين ۾ گهڻي تڪليف ٿي، ڊاڪٽر منع ڪيو ته اوهان اکين تي زور نه ڏيو، ان جي ڪري پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه چاهيو ته ڪجھ ڏينهن مطالعو ڪرڻ ڇڏي ڏيان، پر ائين نه ڪري سگهيا ڇوته ڪتابَ سامهون هجن، فرصت به هجي ۽ پوءِ مطالعو نه هجي، اهو ممڪن ناهي * پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه  اڪثر فرمائيندا هئا: جهڙيءَ طرح تازي ماني ۽ تازي ڀاڄي مزو ڏيندي آهي اهڙيءَ طرح تازو سبق ۽ تازو مطالعو مزيدار هوندو آهي * حافطِ ملت مولانا عبدُ العزيز مبارڪ پوري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه سندن طالبِ علمي واري زماني جا احوال بيان ڪندي فرمائي ٿو: خوفِ خُدا، زهد ۽ تقوٰي، سنّت جي اتباع پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه  جي طبيعت جو حصو بڻجي چڪي هئي، هر قول ۽ فعل، تمام اٿي ويٺي، جَلوتَ خَلوتَ ۾ اتباعِ


 

 



[1] حیاتِ مُحَدِّثِ اَعْظَم ،صفحہ:36 خلاصۃً۔