Muhaddis e Azam

Book Name:Muhaddis e Azam

وصال جي خبر پوري مُلڪ ۾ گهرام مچائي ڇڏيو، جيڪو جيڪو خبر ٻڌندو هو، غم ۾ ٻڏي ويندو هو ۽ کيس اکين مان لڙڪ جاري ٿي ويندا هئا، غسل ۽ ڪفن جو سلسلو ڪراچي ۾ ٿيو جنهن ۾ اڪابِرِ اهلِ سنّت شرڪت ڪئي، وصيت مطابق ڪفن مبارڪ تي پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ۽ غوثِ پاڪ رَضِىَ اللهُ عَنْه جو نالو مبارڪ لکيو ويو. سندن جنازي مبارڪ کي ٽرين جي ذريعي ڪراچي کان فيصل آباد آندو ويو. هر اسٽيشن تي عُلماء ۽ مُحبين جو ڪثير تعداد آخري ديدار جي لاءِ موجود هو گُلن جا هار کنيو ديوانن جيان بيٺا هئا، جنازو مبارڪ لائل پور (فيصل آباد) پهتو ته اسٽيشن تي پيرَ رکڻ جي جڳھ نه هئي فضا نعرهءِ تڪبير ۽ نعرهءِ رسالت سان گونجهي رهجي هئي آخرڪار جنازي مبارڪ کي کنيو ويو ۽ جنهن وقت جنازو مبارڪ ڪچهري بازار ۾ داخل ٿيو ته عشقِ رسالت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي جلون رنگ ئي ٻيو اختيار ڪري ورتو جنهن جا اثرات نمايان ۽ تمام واضح نظر اچي رهيا هئا جو تابوت مبارڪ تي نور ۽ تجلين جي بارش هر اک کي صاف نظر اچڻ لڳي، ٻار پوڙها جوان هر قسم جا ماڻهو اتي موجود هئا ۽ وڏي حيرت سان عالَمِ انوار جي ان بارش جو پنهنجي اکين سان مشاهدو ڪري رهيا هئا جڏهن هي بيمثال جلوس گهنٽا گهر پهتو ته اوچتو ان نور ٿلهي چادر جي صورت اختيار ڪري ورتي ۽ سڄو تابوت ان ۾ لِڪي ويو چمڪندڙ ٽامي جي سنهن پٿرن جيان نور جا سنها ڪرڻا تابوت تي ڪِري رهيا هئا هزارين ماڻهن تعجب سان ان آسماني منظر کي ڏٺو ڪجھ دير تائين اها ئي ڪيفيت رهي پوءِ آهسته آهسته تابوت ٻيهر نظر اچڻ شروع ٿيو آخرڪار جنازو مبارڪ هڪ وسيع ميدان ۾ آندو ويو جتي پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي جنازي جي نماز ادا ڪئي وئي، جنازي ۾ ايترا ماڻهو شريڪ هئا جو ڪڏهن فيصل آباد جي تاريخ ۾ جمع نه ٿيا. پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي آخري آرام گاھ