Book Name:Muhaddis e Azam

وانگر خاموش ٿي پيا وڃن. آخر ڪافي دير کان بعد پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه اکيون کوليون ۽ قاري صاحب جي ڏاڏي محترم ۽ سندس ساٿي کي فرمايائون: توهان اڃان تائين هتي آهيو، ويا ناهيو؟ وڃو آرام ڪيو!

   اهي ٻئي ان وقت ته واپس اچي ويا، البت دل ۾ کٽڪو هو ته آخر معاملو ڇا آهي؟ جيئن ته صبح جو حضور محدثِ اعظم پاڪستان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي خدمت ۾ حاضر ٿيا ته عرض ڪيائون: سائين! رات ڇا معاملو هو؟ اوهان وقفي وقفي سان 3 ڀيرا سُبْحٰنَ اللہ ڇو چيو هو؟ پهريان ته محدثِ اعظم پاڪستان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ڪجھ نه ٻڌايو، جڏهن انهن باربار عرض ڪيو ته فرمايائون: رات مون پنهنجي محبوب نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خدمت ۾ عرض ڪيو: يارسولَ الله  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ! ڪرم ٿئي! ديدار جي خيرات ملي وڃي. ڪافي دير تائين عرض ڪرڻ کان بعد ڪرم ٿيو، پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجي ديدار سان نوازيو، رُخِ پُرنور، روشن اکيون، اهو جمالِ بي مثال ڏسي ڪري مون چيو: سُبْحٰنَ اللہ!

دیکھنے والے کہا کرتے ہیں: اللہ! اللہ!                                                                           یاد آتا ہے خُدا دیکھ کے صُورت تیری

   حُضور محدثِ اعظم پاڪستان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه وڌيڪ فرمايو: هڪ ڀيري ديدار نصيب ٿيو ته ديدار جو شوق اڃان وڌي ويو:

شربتِ دید نے اور آگ لگادی دِل میں                                                                     تپشِ دِل کو بڑھایا ہے، بجھانے نہ دیا

   مون وري درخواست پيش ڪئي، ڪافي ديرتائين عرض ڪندو رهيس، آخر وري ڪرم ٿيو، پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ وري ڪرم فرمايو: پوءِ ديدار عطا ٿيو، هن ڀيري به منهنجي وات مان نڪتو: سُبْحٰنَ اللہ!