Muhaddis e Azam

Book Name:Muhaddis e Azam

محدثِ اعظم پاڪستان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه اڃان ننڍڙي عُمر جا آهن * اڃان پاڻ تي نمازون به فرض ناهن ٿيون * شريعت جا احڪام به لازم ناهن ٿيا * ان عُمر ۾ به پاڻ  رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه  پنهنجي والد صاحب سان گڏ مسجد ۾ وڃي ڪري نماز ادا ڪري رهيا آهن، ذڪرالله ۽ نعت مصطفيٰ سان زبان تر رکندا هئا * ٻين جي شين تي ناحق قبضو ڪرڻ کان بچندا هئا ۽ سبحن الله! حيادار اهڙا جو ننڍڙي عُمر ۾ به گوڏا کولڻ کان بچندا هئا.

   هڪ هي الله پاڪ جا نيڪ ٻانها هئا ۽ هڪ اسان آهيون. افسوس! * اڄ ته نوجوانن بلڪه پوڙهن کي به شرعي احڪامن جي خبر ئي ناهي هوندي * 40، 50 سال زندگي گذاري ڇڏي، اڃان تائين علمِ دين سکيو ئي ناهي * مسجد ۾ باجماعت نماز پڙهڻ ته پري جي ڳالھ نمازون ئي قضا ڪري ڇڏيندا آهن * ذڪر ۽ درود جي جڳھ تي فضول ڳالهيون، کِلَ ڀوڳ، ٽهڪَ بلڪه عشقيه ۽ گهٽيا اشعار، فلمي گانن جا ٻول، غيبت، چغلي، بهتان وغيره گناھن ڀريون ڳالهيون ٿينديون آهن * ۽ رهي ڳالھ حياداري جي! ان جو ته پڇو ئي نه...!! سوشل ميڊيا، يوٽيوب، فيس بُڪ ۽ غير مُسلم معاشري جي انڌي پيروي جي لالچ ڄڻ اسان جي معاشري مان حيا ڌوئي ڇڏي آهي. اسان وٽ وڏن وڏن کي پردي ۽ بي پردگي جي احڪامن جي ڄاڻ ئي ناهي هوندي، پاڻ کي حيادار چورائڻ وارا به راند روند ۽ تماشن، ورزش، توڙي سوئمنگ پول ۾ ترڻ وغيره جي لاءِ فيشن طور اهڙو لباس پائيندا آهن جنهن ۾ گوڏا بلڪه رانون به مَعاذَالله! کليل رهنديون آهن، انهن جي بي پردگي ٿي رهي هوندي آهي ۽ انهن کي معلوم به ناهي هوندو. صدرُ الشريعه مفتي امجد علي اعظمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه بهارِ شريعت ۾ فرمائن ٿا: سترِ عورت (يعني مرد جي لاءِ دُنَ جي هيٺان کان وٺي گوڏن جي هيٺان تائين جي عضون کي لِڪائي رکڻ) هر حال ۾ واجب آهي، جيتوڻيڪ نماز ۾ هجي يا نه، اڪيلو هجي يا ڪنهن جي سامهون، ڪنهن صحيح ضرورت کان علاوه