Book Name:Iman ki Hifazat

   پيارا پيارا اسلامي ڀائرو!  بيان ڪيل حديث سڳورين مان معلوم ٿيو ته ايمان جي حفاظت ڪرڻ جي معاملي ۾ سُستي نه ڪرڻ گھرجي ۽ هن خوش فهمي ۾ نه رهڻ گھرجي ته اسان ته پيدا ئي مسلمان ٿيا آهيون، اسان جا ماءُ پيءُ، ڏاڏا ڏاڏي، خاندان جا سڀئي ماڻهو مسلمان هئا اسان به مسلمان آهيون ۽ مسلمان ئي مرنداسين۔ ٿي سگھي ٿو ته سڄي زندگي اسان ايمان تي قائم رهون، سڄي زندگي خوب نيڪيون به ڪندا رهون پر مرڻ کان پهريان خدانخواسته زبان مان ڪو ڪفر نڪري وڃي ۽ ايمان تي خاتمو نصيب نه ٿئي۔ اسان کي هر وَقت پنهنجي ايمان جي سلامتي جي لاءِ دُعائون ڪرڻ گھرجن ۽ مرڻ مهل ايمان جي حفاظت جي لاءِ فڪرمند رهڻ گھرجي۔ علماءِ ڪرام فرمائن ٿا، جنهن کي زندگيءَ ۾ ايمان کسجڻ جو خوف نه هجي سڪرات جي وقت ان جو ايمان کسجي وڃڻ جو شديد خطرو آهي. (ملفوظاتِ اعليٰ حضرت،ص۴۹۵ بتغيرقليل) پر افسوس! اڄوڪي دور ۾ اسان جي اڪثريت کي ايمان جي سلامتي جو فڪر ئي ناهي، ها فڪر آهي ته پنهنجي بينڪ بيلنس (Bank Balance) وڌائڻ ۽ هڪ ٻئي کان دُنيوي برتري حاصل ڪرڻ جي۔ فڪر آهي ته عزّت ۽ شهرت ڪمائڻ جي، حالانڪ اسان مان ڪنهن وٽ اها گارنٽي ناهي ته مرڻ وقت اسان جو ايمان سلامت به رهندو يا نه. مَعَاذَ الله عَزَّوَجَلَّ گناهن جي نحوست جي سبب اسان جو ايمان برباد ٿي ويو ته ڇا ڪنداسين؟

حضرت سيدُنا ابودرداء رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ فرمائيندا هئا: خدا جو قسم! ڪو شخص هن ڳالهه تي مطمئن نٿو ٿي سگهي ته مرڻ وقت ان جو ايمان باقي رهندو يا نه! (کیمائے سعادت،پیدا کردن سوء خاتمت،۲/۸۲۵)

ہر دَم اِبلیس پیچھے لگا  ہے                                                                                                             حفظِ ایمان کی اِلتجاء ہے

ہو کرم امنِ روزِ جَزا کی                                                                                                                           میرے مولیٰ تُو خیرات دیدے

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد