Book Name:Iman ki Hifazat

    پيارا پيارا اسلامي ڀائرو!  ٻڌو اوهان ته موت جو مرحلو ڪيتري قدر دشوار هوندو آهي ته جڏهن ساھ ڦاسي رهيو هوندا آهي، هوش ۽ حواس جواب ڏئي رهيا هوندا آهن، اُڃ جي شدت پنهنجي انتها تي هوندي آهي اهڙي ڏکئي حالت ۾ شيطان ملعون پنهنجي اولاد سان گڏجي پنهنجي اصل شڪل ۾ نه بلڪ عزيزن ۽ دوست ۽ احبابن جي شڪل ۾ اچي پنهنجو نحوستون لٽائيندو، ايمان وارن جي ايمان کان نهايت بُري انداز ۾ کيڏندو آهي ۽ ايمان جي دولت کي ضائع ڪرڻ جي لاءِ مختلف طريقا آزمائيندو آهي۔ اسان جا بُزرگ سڳورا موت جي وقت ايمان سلامت رهڻ جي باري ۾ گھڻو غمگين (Sad) رهندا هئا، جيئن ته

حضرتِ سيدُنا منصوربن عماررَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيۡه  فرمائن ٿا: جڏهن انسان جي موت جو وقت ويجھو ايندو آهي ته مرڻ واري جي حالت 5 نموني جي هوندي آهي: (۱) مال وارث جي لاءِ (۲) روح ملڪ الموت عَلَيه السَّلَام جي لاءِ (۳) گوشت ڪيڙن جي لاءِ (۴) هڏيون مٽي جي لاءِ ۽ (۵) نيڪيون خُصُوم يعني قيامت جي ڏينهن پنهنجي حق جو مطالبو ڪرڻ وارن جي لاءِ هونديون آهن۔ مزيد فرمائن ٿا: وارث مال کڻي وڃن ته برداشت ڪري سگهيجي ٿو، اهڙي طرح ملڪ الموت عَلَيه السَّلَام روح وٺي وڃي ته به درست آهي پر اي ڪاش! موت جي وقت شيطان ايمان نه کڻي وڃي نه ته الله پاڪ کان جدائي ٿي ويندي، اسان هن کان الله پاڪ جي پناھ گھرون ٿا ڇوته جيڪڏهن سڀ فِراق (جُدائيون) هڪ پاسي گڏ ٿين ۽ ربِّ ڪريم جو فِراق هڪ پاسي هجي ته اهو سڀني فِراقن (جُدائين) کان وڌيڪ ڳرو آهي جنهن کي ڪو برداشت نٿو ڪري سگھي۔ (حڪايتيں اور نصيحتيں،ص۳۷)

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! خُدانخواسته اسان جي بُرن عملن جي ڪري جيڪڏهن مرڻ وقت الله پاڪ ۽ ان جي حبيبصَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فضل و ڪرم شاملِ حال نه رهيو، شيطان مردُود غالب اچي ويو ۽ مَعَاذَ الله عَزَّوَجَلَّ ايمان برباد ٿي ويو ته خدا عَزَّوَجَلَّ جو قسم! ذِلت ۽ رسوائي مقدر ٿي ويندي ۽ مرڻ کان پوءِ هميشه هميشه جي لاءِ جهنم جي ٽهڪندڙ باھ ۾ وڌو ويندو ۽ جهنم جو عذاب ايتري قدر