Book Name:Iman ki Hifazat

حُجَّةُ الاِسلام حضرت سيدُنا امام محمد بن محمد غزالي رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيۡه فرمائن ٿا: سڪرات جي وقت شيطان پنهنجي چيلن کي مرڻ واري جي مري ويل رشتيدارن مثال طور والدين، ڀيڻ ڀاءُ ۽ دوستن جي شڪلن ۾ وٺي ايندو آهي. شيطان ان کي چوندو آهي اي فلاڻا تون عنقريب مري ويندين جڏهن ته اسان توکان اڳ موت جو مزو ماڻي چُڪا آهيون تنھنڪري تون (اسلام کي ڇڏي) فُلاڻو دِين اِختيار ڪري وٺ اهو دِين الله تعاليٰ جي بارگاھ ۾ مقبول آهي۔ جيڪڏهن مرڻ وارو ان جي ڳالھ نٿو مڃي ته ان جا ٻيا چيلا ٻين عزيزن جي رُوپ ۾ اچي چوندا آهن: تُون (اسلام کي ڇڏي) فُلاڻو دين اِختيار ڪري وٺ۔ ائين اهو ان کي هر دِين جا عقيدا ياد ڏياريندا آهن۔ ته ان گھڙي جنهن جي قِسمت ۾ حق کان ڦرڻ لکيل هوندو آهي اهو اُن وقت ڀٽڪي ويندو ۽ باطل مذهب اختيار ڪري ڇڏيندو آهي. ( مجموعۃ رسائل الامام الغزالي،ص۵۱۱ ملخصاً)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

اَللّٰهُمَّ اَجِرۡنِيۡ مِنَ النَّارo

اي الله مون کي (جهنّم جي) باھ کان نجات عطا فرما

يامُجِيۡرُ يامُجِيۡرُ يامُجِيۡرُo

اي نجات ڏيڻ وارا، اي نجات ڏيڻ وارا، اي نجات ڏيڻ وارا

بِرَحۡمَتِكَ يآ اَرۡحَمَ الرّٰحِمِيۡنَo

پنهنجي رحمت جي سبب اسان تي رحم فرما، اي سڀ کان وڌيڪ رحم فرمائڻ وارا

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد