Book Name:Iman ki Hifazat

شديد هوندو جو اسان جا نازڪ بدن ان کي برداشت نه ڪري سگھندا، اچو! جهنم جي عذابات جي دردناڪ (Horrible) منظرن کي ٻڌون ٿا،

   خليفَهءِ اعليٰ حضرت، مولانا مفتي محمدامجدعلي اعظميرَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيۡه  جهنَّم جي منظر ڪشي ۽ ان جي عذابن جو تذڪرو ڪندي لکن ٿا: اهو (جھنم) هڪ مڪان آهي جو اُن قهار ۽ جبار جي جلال ۽ قهر جو مظهر آهي۔ هن ۾ مختلف طبقا، وَادِيون ۽ کوھ آهن، بعض وادِيون اهڙيون آهن جو جهنم به هر ڏينهن ستّر (70) ڀيرا يا وڌيڪ ڀيرا اُنهن کان پناه گھرندو آهي، لوھ جي اهڙن وزني گُرزن (يعني هٿوڙن) سان ملائڪ ماريندا ۽ جيڪڏهن ڪو گُرز (يعني هٿوڙو) زمين تي رکيو وڃي ته تمام جنّ ۽ انسان گڏ ٿي ڪري ان کي نٿا کڻي سگھن۔ بُختي (يعني هڪ قسم جي وڏن) اُٺن جي ڳچي جي برابر وڇون ۽ ايتري قدر وڏا نانگ آهن جو جيڪڏهن هڪ ڀيري ڏنگين ته ان جي سوزش، درد، بي چيني هزار سالن تائين رهي، تيل جي سڙيل تھ جيان سخت ٽهڪندڙ پاڻي پيئڻ جي لاءِ ڏنو ويندو جيڪو وات جي ويجھو ايندي ئي ان جي تيزي سان چهري جي کل ڪري پوندي۔ مٿي تي گرم پاڻي وهايو ويندو۔ جهنمين جي بدن تان جيڪا پونء وهندو اهو پياريو ويندو، هڪ قسم جو خار دار زهريلو وڻ کائڻ جي لاءِ ڏنو ويندو اهو گلي ۾ ويندي ئي ڳٽ بڻجي ويندو، ان کي هيٺ لاهڻ جي لاءِ پاڻي گھرندا، اُنهن کي اهو ٽهڪندڙ پاڻي ڏنو ويندو جيڪو وات جي ويجھو ايندو ته سڄي کل ان ۾ ڪري پوندي ۽ پيٽ ۾ ويندي ئي آنڊن کي ٽڪڙ ٽڪڙ ڪري ڇڏيندو ۽ اهو شوربي وانگر وهي ڪري قدمن واري پاسي کان نڪرندو، اُڃ اهڙي ته سخت هوندي جو پاڻي تي ائين ڪرندا جيئن گھڻا اڃايل اُٺ۔ (بهارِ شريعت،حصه اول،۱/۱۶۳تا۱۶۸ملتقطا و بتغيرقليل)

گَر تِرے پیارے کا جلوہ نہ رہا پیشِ نظر                                                                                                           سختیاں نزع کی کیوں کر میں سہوں گا یا ربّ!

قبر میں گَر نہ محمد کے نظارے ہوں گے