Book Name:Iman ki Hifazat

جي نِيت به ڪري، نه ته ياد رکو! هنن گناهن جو انجام ڏاڍو ڀيانڪ ٿيندو آهي۔ ياد رکو! ”شراب نوشي“دِين ۽ ايمان، جان ۽ مال ۽ صحت جي لاءِ نهايت خطرناڪ آهي، شراب تمام بُرائين جي جڙ آهي ڇوته شراب جي نشي ۾ انسان بدنگاهي، بدڪاري ۽ مختلف گناهن ۾ مُلوِّث ٿي پنهنجي دنيا ۽ آخرت برباد ڪندو آهي.

اَللّٰهُمَّ اَجِرۡنِيۡ مِنَ النَّارo

اي الله مون کي (جهنّم جي) باھ کان نجات عطا فرما

يامُجِيۡرُ يامُجِيۡرُ يامُجِيۡرُo

اي نجات ڏيڻ وارا، اي نجات ڏيڻ وارا، اي نجات ڏيڻ وارا

بِرَحۡمَتِكَ يآ اَرۡحَمَ الرّٰحِمِيۡنَo

پنهنجي رحمت جي سبب اسان تي رحم فرما، اي سڀ کان وڌيڪ رحم فرمائڻ وارا

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

پياراپيارا اسلامي ڀائرو!  رمضانُ المبارڪ جو مهينو وڏي تيزي سان پنهنجي اختتام ڏانهن جاري وساري آهي، هاڻي ان جون ڪجھ گھڙيون بچيون آهن، ۽ ان کان پوءِ شوّالُ المڪرم جي آمد آمد آهي ۔خوش نصيب مسلمان شوال جي مهيني ۾ ڇھ روزا رکڻ جي سعادت حاصل ڪندا ۽ ان جون برڪتون ماڻيندا آهن۔ اچو! اسان به شش عيد(شوال المڪرم) جا روزا رکڻ جو جذبو وڌائڻ جي لاءِ انهن روزن جا فضائل ٻڌون ٿا ته جيئن اسان کي به اهي روزا رکڻ ۽ انهن جي برڪتن مان فيضياب ٿيڻ جي سعادت نصيب ٿئي، جيئن ته

هن باري ۾ ٽي (3) فرمانِ مصطفي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ٻڌون ٿا ۔