Book Name:Iman ki Hifazat

1.   جنهن رمضان جا روزا رکيا پوءِ ڇهه ڏينهن شوال ۾ رکيا ته گناهن کان ائين نڪري ويو جيئن اڄ ئي ماءُ جي پيٽ مان پيدا ٿيو آهي۔ (مجمع الزوائد،کتاب الصيام،باب فيمن صام …الخ،۳ /۴۲۵،حديث:۵۱۰۲)

2.   جنهن رمضان جا روزا رکيا وري ان کان پوءِ ڇهه شوال ۾ رکيائين۔ ته ائين آهي جيئن دهر جا (يعني سڄي عمر جا) روزا رکيا “ (مسلِم،کتاب الصيام،باب استحباب صوم …الخ،ص۵۹۲،حديث:۲۷۵۸)

3.   ”جنهن عيد الفطر کان پوءِ (شوال ۾) ڇهه روزا رکي ڇڏيا ته ان پوري سال جا روزا رکيا۔ جو جيڪو هڪ نيڪي آڻيندو ان کي ڏهه ملنديون۔ ( ابن ماجه،کتاب الصيام،باب الصيام ستۃ ايام …الخ،۲/۳۳۳، حديث:۱۷۱۵)

خليلِ ملّت حضرت علامه مولانا مفتي محمد خليل خان قادري برڪاتي رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيۡه  فرمائن ٿا: هي روزا عيد کان پوءِ لڳاتار رکيا وڃن تڏهن به حرج ناهي ۽ بهتر هي آهي ته متفرق (يعني وقفو ڪري) رکيا وڃن يعني هر هفتي ۾ ٻه روزا ۽ عيد الفطر جي ٻئي ڏينهن هڪ روزو رکي وٺي ۽ پوري مهيني ۾ رکي ته اڃان به مناسب(Suitable معلوم ٿئي ٿو۔ (سنّي بهشتي زيور ص 347) مطلب ته عيد الفطر جو ڏينهن ڇڏي سڄي مهيني ۾ جڏهن چاهيو عيد جا ڇهه روزا رکي سگهو ٿا۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                              صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

پياراپيارا اسلامي ڀائرو!    اسان ٻڌو ته

*   ايمان تي استقامت ۽ ان جي حفاظت ڪرڻ هڪ مسلمان جي لاءِ نهايت ضروري آهي۔

*   ايمان کسجڻ جي خوف سبب بزرگانِ دِين گھڻو روئيندا هئا۔

*   جيڪي ماڻهو پنهنجي ايمان جي حفاظت نٿا ڪن،آٓخرت ۾ اهي سزا جا حقدار ٿيندا۔