Book Name:Iman ki Hifazat

منهنجي پيءُ فرعون جي ساراھ ڪئي آهي؟ ان مؤمنه جواب ڏنو: نه! بلڪ مون ته ان پاڪ پروردگار جي پاڪي بيان ڪئي آهي جيڪو منهنجو، تنهنجي پيءُ فرعون جو ۽ سموري ڪائنات جو خالق آهي، عبادت جي لائق صرف اها ئي ”وَحْدَه لاَ شَرِيک“ ذات آهي۔ هن مؤمنه جي ايمان ڀري گفتگو ٻُڌي فرعون جي ڌيءَ چيائين: مان تنهنجي باري ۾ پنهنجي والد کي ٻڌائينديس ته تون ان کي خدا نٿي مڃين۔ عورت چيائين: بيشڪ ٻڌاءِ۔

پوءِ ان پنهنجي پيء فرعون کي ان عورت جي باري ۾ سڀ ڪجھ ٻڌايو، اهو ٻڌي فرعون، نيڪ سيرت مؤمنه کي پاڻ وٽ گھرايو ۽ چيائين: مون ٻڌو آهي ته تون مون جي علاوه ڪنهن ٻي کي خدا مڃين ٿي، تنهنجي سلامتي هن ۾ آهي ته تون ان نئين مذهب کي ڇڏي منهنجي عبادت ڪر ۽ مون کي ئي خدا مڃ، نه ته توکي دردناڪ سزا ڏني ويندي۔ عورت چيائين: توکي جيڪو ڪرڻو آهي ڪري وٺ، مان ڪڏهن به ڪفر ڏانهن نه موٽنديس۔ فرعون جڏهن هن نيڪ سيرت عورت جي ايمان افروز گفتگو ٻُڌي ته گھڻي ڪاوڙ آئي ۽ ٽامي جي ديڳ ۾ تيل گرم ڪرڻ جو حڪم ڏنو۔ جڏهن تيل گھڻو ٽهڪڻ لڳو ته ان جي ٻار کي ٽهڪندڙ تيل ۾ وجھي ڇڏيو، ڪجھ ئي دير ۾ ٻار جون هڏيون تيل تي ترڻ لڳيون۔ ظالم فرعون، عورت کي چيائين: ڇا تون مون کي خدا مڃين ٿي؟ ان چيو: بلڪل نه، منهنجو رب اهو ئي آهي جيڪو تمام جهانن جو خالق ۽ مالڪ آهي۔ فرعون هڪ هڪ ڪري ان جي تمام ٻارن کي ٽهڪندڙ تيل ۾ وجھي ڇڏيو پر ان باهمت صابره ۽ شاڪره عورت پنهنجو ايمان نه ڇڏيو۔

فرعون جڏهن ڏٺو ته اها عورت ڪفر ڏانهن اچڻ لاءِ تيار نه آهي ته ان ظالم پنهنجن سپاهين (Guards) کي حڪم ڏنو: هن کي به هن جي ٻارن وانگر تيل ۾ وجھو! سپاهي جڏهن ان کي کڻي وڃڻ لڳا ته فرعون چيائين: جيڪڏهن تنهنجي ڪا آرزو هجي ته ٻڌاءِ۔ چيائين: ها!منهنجي هڪ خواهش آهي جيڪڏهن ٿي سگھي ته اهو ڪجان جو جڏهن مون کي تيل جي ٽهڪندڙ ديڳ ۾ وڌو وڃي ۽