Iman ki Hifazat

Book Name:Iman ki Hifazat

منهنجو سمورو گوشت سڙي وڃي ته ان ديڳ کي شهر جي دروازي تي موڪلجان اتي منهنجي هڪ جھوپڙي آهي ديڳ ان ۾ رکرائي جھوپڙي ڪرائي ڇڏجان ته جيئن اسان جو گھر ئي اسان جي لاءِ قبرستان بڻجي وڃي۔ فرعون چيائين: ٺيڪ آهي، تنهنجي هن خواهش کي پورو ڪرڻ اسان جي ذِمي آهي۔ پوءِ هن جرئت مند مؤمنه کي ٽهڪندڙ تيل ۾ وجھي ڇڏيائين ڪجھ ئي دير بعد ان جون هڏيون به تيل جي سطح تي ترڻ لڳيون۔

رسولِ اَڪرم، نُورِ مُجسَّم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايائون: شبِ  معراج، مون هڪ بهترين خوشبو سونگھي ته پڇا ڪئي: اي جبريل عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم! اها خوشبو ڪهڙي؟ چيائين: فرعون جي ڌيءَ جي خادمه ۽ ان جي ٻارن جي خوشبو آهي۔ (ڪنزالعمال، ڪتاب الفضائل،باب في فضائل من ليسوا… الخ، جزء۱۴، ۷/۱۰، حديث:۳۷۸۳۴ ملتقطاً و ملخصاً)(عيون الحڪايات،حصه دوم،۱۴۱-۱۴۲)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

سُـبْحٰـنَ الـلّٰــه! پيارا پيارا اسلامي ڀائرو!  ڪيتري پياري حڪايت ٻُڌي اسان! ان مؤمنه، صابره ۽ شاڪره عورت جو ڪيترو نه ايمان پختو هو جو پنهنجي اکين آڏو پنهنجي جگر جي ٽڪرن کي هڪ هڪ ڪري شهيد ٿيندين ڏٺائين، پر پوءِ به ان جي ايمان جي پختگي ۾ ڪا ڪمي نه آئي، ٻارن سميت پاڻ پنهنجي جان ڏئي ڇڏي پر ايمان جي دولت هٿان نه وڃڻ ڏني۔ يقيناً جن کي ايمان جو قدر معلوم هوندو آهي اهي ڪنهن به قيمت تي گھڙي کن لاءِ به ايمان نٿا ڇڏين، انهن کي دِين ۽ ايمان خاطر سر ڪٽائڻ ۾ لذّت محسوس ٿيندي آهي۔ الله پاڪ جي بارگاھ ۾ جان ڏيڻ انهن کي محبوب هوندو آهي، انهن جو ايمان ايترو مضبوط هوندو آهي جو دُنيا جي ڪا طاقتور شيءَ انهن جي دل کي ايمان کان خالي نٿي ڪري سگھي۔ جڏهن ته ان نيڪ سيرت ماڻهن تي الله پاڪ جي اِنعام ۽ اڪرام جون نوازشون ٿينديون آهن، مرڻ کان بعد به انهن جي قبرن مان خوشبوئون اينديون آهن۔ افسوس!صد افسوس! هن دور ۾ ايمان تي قائم رهڻ گھڻو مشڪل ٿي چڪو آهي ڪجهه نادان ٻاهرين ملڪ (Overseas) وڃي مال دولت ڪمائڻ جي لالچ ۾ پنهنجي ويزا فارم تي پنهنجو پاڻ کي ڪوڙ سوڙ غير