Qaroon Ko Naseehat

Book Name:Qaroon Ko Naseehat

حضرت مالڪ بن دينار رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي حوالي ڪندي عرض گذار ٿيو ته هي رهي منهنجي رقم ۽ هي حاضر آهن قلم، دوات ۽ ڪاغذ.

حضرت مالڪ بن دينار رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ڪاغذ ۽ قلم هٿ ۾ کڻي هن مضمون جو بيع نامو تحرير فرمايو: بِسمِ اللّٰهِ الرَّحۡمٰنِ الرَّحِيۡم هي تحرير هن غرض جي لاءِ آهي ته (حضرت) مالڪ بن دينار (رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه) فلان بن فلان جي لاءِ هن جي دنياوي مڪان جي عوض الله تعالٰي کان هڪ اهڙي ئي شاندار محل ڏيارڻ جو ضامن آهي ۽ جيڪڏهن هن محل ۾ وڌيڪ ڪجهه ٻيو به هجي ته الله تعالٰي جو فضل آهي. هن هڪ لک درهم جي بدلي ۾ مون هڪ جنتي محل جو سودو فلان بن فلان جي لاءِ ڪيو آهي، جيڪو هن دنياوي مڪان کان وڌيڪ وسيع ۽ شاندار آهي ۽ اهو جنتي محل قربِ الٰهي جي سائي ۾ آهي.“

حضرت مالڪ بن دينار رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه بيع نامو نوجوان جي حوالي ڪري هڪ لک درهم شام کان پهريان پهريان فقراء ۽ مساڪين ۾ تقسيم ڪري ڇڏيا. هن عظيم عهد نامي کي لکندي اڃان 40 ڏينهن به نه گذريا ته نمازِ فجر کان پوءِ مسجد کان نڪرندي حضرت مالڪ بن دينار رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي نگاهه محرابِ مسجد تي پئي، ڇا ڏسن ٿا ته ان نوجوان جي لاءِ لکيل اهو ئي ڪاغذ اتي رکيل آهي ۽ ان جي پٺيان بغير مَس (ink) جي هي تحرير چمڪي رهي هئي: ”الله عزيز حڪيم جي طرفان مالڪ بن دينار جي لاءِ خوشخبري آهي ته تو جنهن محل جي لاءِ اسان جي نالي سان ضمانت ورتي هئي اهو اسان ان نوجوان کي عطا ڪري ڇڏيو بلڪه ان کان 70 گنا وڌيڪ نوازيو.“

حضرت مالڪ بن دينار رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه هن تحرير کي کڻي جلدي سان نوجوان جي مڪان تي تشريف کڻي ويا، خبر پئي ته اهو نوجوان ڪالهه ئي فوت