Qaroon Ko Naseehat

Book Name:Qaroon Ko Naseehat

ٿي وڃي.“ هي فرمائي حضرت مالڪ بن دينار رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه، حضرت جعفر بن سليمان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه سان گڏ ان وٽ تشريف کڻي ويا، سلام ڪيائون. ان پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه کي نه سڃاتو. جڏهن تعارف ٿيو ته پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي تمام گهڻي عزت ۽ توقير ڪئي ۽ تشريف آوري جو مقصد دريافت ڪيو. حضرت مالڪ بن دينار رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه (ان نوجوان تي انفرادي ڪوشش جو آغاز ڪندي) فرمايائون: توهان هن عاليشان مڪان تي ڪيتري رقم خرچ ڪرڻ جو ارادو رکو ٿا؟ نوجوان عرض ڪيو: هڪ لک درهم: حضرت مالڪ بن دينار رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمايو: جيڪڏهن اوهان هي رقم مون کي ڏيو ته مان اوهان جي لاءِ هڪ اهڙي عاليشان محل جي ضمانت وٺان ٿو، جيڪو هن کان وڌيڪ خوبصورت ۽ پائيدار آهي. ان جي مٽي مشڪ و زعفران جي هوندي، اهو ڪڏهن به نه ڪرندو ۽ صرف محل ئي نه بلڪه ان سان گڏ خادم، خادمياڻيون ۽ سرخ ياقوت جا قبّا، نهايت شاندار ۽ حسين خيما وغيره به هوندا ۽ اُن محل کي رازن ناهي ٺاهيو بلڪه اهو صرف الله تعالٰي جي ”كُن“ (يعني ٿي وڃ) چوڻ سان ٺهيو آهي. نوجوان جوابًا عرض ڪيو: مون کي هن جي باري ۾ هڪ رات غور ڪرڻ جي مهلت عنايت فرمايو: حضرت مالڪ بن دينار رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جن فرمايو: تمام سٺو.

هن گفتگو کان پوءِ هي حضرات اتان کان هليا آيا، حضرت مالڪ بن دينار رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه کي رات جو هر هر اُن نوجوان جو خيال ايندو رهيو ۽ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ان جي حق ۾ دعاءِ خير فرمائيندا رهيا. صبح جي وقت ٻيهر ان جي طرف تشريف کڻي ويا ته نوجوان سندن اچڻ جو انتظار ڪري رهيو هو. نوجوان وڏي جوشيلي طريقي سان استقبال ڪندي پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي بارگاهه ۾ عرض ڪيو: ڇا اوهان کي ڪالهه واري ڳالهه ياد آهي؟ حضرت مالڪ بن دينار رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ارشاد فرمايو: ڇو نه! نوجوان هڪ لک درهمن جون ٿيلهيون