Qaroon Ko Naseehat

Book Name:Qaroon Ko Naseehat

اَنَا اَكْثَرُ مِنْكَ مَالًا وَّ اَعَزُّ نَفَرًا(۳۴)

ترجموڪنزالعرفان: مان توکان وڌيڪ مالدار آهيان ۽ ماڻهن جي اعتبار سان به گهڻو طاقتور آهيان.[1]

يعني * مان توکان وڌيڪ مالدار آهيان * مون وٽ طاقت به وڌيڪ آهي * منهنجو قبيلو * ۽ خاندان به وڏو آهي * ۽ منهنجا نوڪر چاڪر به گهڻا آهن. هاڻي غرور ڪرڻ وارو نهايت خوشي سان پنهنجي باغ ۾ داخل ٿيو ۽ تڪبر سان چوڻ لڳو:

مَاۤ اَظُنُّ اَنْ تَبِیْدَ هٰذِهٖۤ اَبَدًاۙ(۳۵)

ترجموڪنزالعرفان: مان گمان نٿو ڪيان ته هي (باغ) ڪڏهن ختم ٿيندو. [2]

هو جيڪو مسلمان هو، جيتوڻيڪ غريب هو پر ايمان جي لازوال دولت سان مالامال هو، ان هن مالدار متڪبر کي نصيحت ڪندي چيو:

اَكَفَرْتَ بِالَّذِیْ خَلَقَكَ مِنْ تُرَابٍ ثُمَّ مِنْ نُّطْفَةٍ ثُمَّ سَوّٰىكَ رَجُلًاؕ(۳۷) لٰكِنَّاۡ هُوَ اللّٰهُ رَبِّیْ وَ لَاۤ اُشْرِكُ بِرَبِّیْۤ اَحَدًا(۳۸) وَ لَوْ لَاۤ اِذْ دَخَلْتَ جَنَّتَكَ قُلْتَ مَا شَآءَ اللّٰهُۙ-لَا قُوَّةَ اِلَّا بِاللّٰهِۚ-اِنْ تَرَنِ اَنَا اَقَلَّ مِنْكَ مَالًا وَّ وَلَدًاۚ(۳۹) فَعَسٰى رَبِّیْۤ اَنْ یُّؤْتِیَنِ خَیْرًا مِّنْ جَنَّتِكَ وَ یُرْسِلَ عَلَیْهَا حُسْبَانًا مِّنَ السَّمَآءِ فَتُصْبِحَ صَعِیْدًا زَلَقًاۙ(۴۰) اَوْ یُصْبِحَ مَآؤُهَا غَوْرًا فَلَنْ تَسْتَطِیْعَ لَهٗ طَلَبًا(۴۱)

ترجمو ڪنزالعرفان: ڇا تون ان جو انڪار ٿو ڪرين جنهن توکي مٽي مان بڻايو پوءِ نطفي مان پوءِ توکي ٺيڪ مرد ڪيائين پر(مان ته اهو ئي چوان ٿو ته). اهو الله ئي منهنجو رب آهي ۽ مان ڪنهن کي پنهنجي ربّ جو شريڪ نٿو


 

 



[1] پارہ:15، اَلْکَہْف:34

[2] پارہ:15، اَلْکَہْف:35