Jannat Mein Aaqa Ka Parosi

Book Name:Jannat Mein Aaqa Ka Parosi

جي وچ ۾ دفنايو ويو هو، لهٰذا ايتريون صديون گذرڻ کان پوءِ ڪنهن کي به خبر نه هئي ته حضرت يوسف عَلَيۡهِ السَّلَام کي ڪهڙي هنڌ دفنايو ويو آهي، صرف هڪ پوڙهي کي ان جاءِ جي خبر هئي) حضرت موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام ان پوڙهي کان پڇيو: ڇا توکي خبر آهي ته حضرت يوسف عَلَيۡهِ السَّلَام جي قبر ڪاٿي آهي؟ چيائين: جي ها! فرمايائون: اسان کي ٻڌايو! چوڻ لڳي: خدا جو قسم! جيسيتائين اوهان منهنجو مطالبو پورو نه ڪندؤ، مان ھرگز نه ٻڌائينديس. فرمايائون: گهرو جيڪو گهرڻ چاهيو ٿيون. توهان کي ڏنو ويندو. پوڙهي سمجهدار هئي، چيائين: مان توکان جنت ۾ تنهنجي پاڙي جو سوال ڪيان ٿي. حضرت موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام فرمايو: صرف جنت جو سوال ڪر!! چيائين: نه...!! خدا جو قسم! مان ان کان گهٽ تي بلڪل راضي نه ٿيندس، مون کي صرف جنت نه بلڪ جنت ۾ اوهان جو پاڙو ئي گهرجي. حضرت موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام ان کي وڌيڪ سمجهايو پر اها پنهنجي ڳالھ تي پڪي هئي، ان تي الله پاڪ وحي فرمائي: اي موسٰي! اوهان جو ڪهڙو نقصان آهي...!! جيڪو گهري ٿي ڏئي ڇڏيو! جيئن ته حضرت موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام ان جو مطالبو پورو ڪيو ۽ حضرت يوسف عَلَيۡهِ السَّلَام جو جسم مبارڪ کڻي روانا ٿي ويا. [1]

پيارا اسلامي ڀائرو! هي آهي گهرڻ جو طريقو...!! پوڙهي جي سوچ ڏسو! خدمت ڪيتري آهي ۽ سوال ڪيترو وڏو ڪري رهي آهي...!! هن روايت مان اسان کي 2 ڳالهيون سکڻ جي لاءِ مليون: (1) هڪ ڳالهه ته اُن اعرابي رَضِىَ اللهُ عَنْه  جي عمل مان سکڻ جي لاءِ هي ملي، اهي صحابي هئا، ان پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم کان دنياوي شيون گهريون ۽ پاڻ سڳورن ان کي منع ڪانه ڪئي، هن مان معلوم ٿيو، دنيا جون ننڍيون ننڍيون خواهشون، ضرورتون هجن ته اسان اهي به بارگاھِ رسالت مان گهري سگهون ٿا، ان ۾ ڪو حرج ناهي (2) ٻي ڳالھ اها خبر پئي ته اسان جا پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم به اهو چاهن ٿا ته اسان جنت ۾ آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي پاڙي جا طلبگار بڻجون. ڏسو! اُن اعرابي رَضِىَ اللهُ عَنْه  جيڪو ڪجھ گهريو، پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  اهو به


 

 



[1] مكارم الاخلاق، جماع ابواب الرفق...الخ،باب ما جاء فی السخاء...الخ، جلد:3، صفحہ:264، حدیث:731 خلاصۃً