Jannat Mein Aaqa Ka Parosi

Book Name:Jannat Mein Aaqa Ka Parosi

اتباع جي دعوا هوندي آهي پر سينا بغض کان ڀريل هوندا آهن. الله پاڪ هن سُنت تي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا ڪري. [1] اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم

12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم:  تفسير ٻڌڻ ٻڌائڻ جو حلقو

پيارا اسلامي ڀائرو! دل ۾ عشق رسول وڌائڻ سُنّتن تي هلڻ، نيڪ نمازي بڻجڻ جي لاءِ عاشقان رسول جي ديني تحريڪ دعوت اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو! ذيلي حلقي جي 12 ديني ڪمن ۾ خوب وڌي ڪري حصو وٺو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! دين ۽ دنيا  جون بيشمار ڀلايون نصيب ٿينديون. 12 ديني ڪمن مان  هڪ ديني ڪم: تفسير ٻڌڻ ٻڌائڻ به آهي. قرآنِ مجيد سکڻ تمام فضيلت وارو ڪم آهي: احاديث ۾ هن طرح مضمون آهي: صبح هن حال ۾ ڪيو جو يا ته توهان عالم هجو يا علم دين جا طالب.[2]  * هڪ روايت جي مطابق صبح جي وقت قرآنِ مجيد جي هڪ آيت سکڻ 100 رڪعت نفل پڙهڻ کان بهتر آهي.[3] * اَلحَمۡدُلله! دعوت اسلامي وارا عاشقانِ رسول فجر جي نماز کان بعد تفسير ٻڌڻ ٻڌائڻ جو حلقو لڳائيندا آهن.* هن ۾ 3 قرآني آيتون. * ان جو ترجمو ۽ تفسير ٻُڌي، ٻڌائي ويندي آهي. * فيضانِ سُنّت مان درس ٿيندو آهي.* شجرو شريف پڙهيو ويندو آهي. * دعا ٿيندي آهي ۽ آخر ۾ اشراق، چاشت جا نفل به ادا ڪيا ويندا آهن. * اوهان به تفسير ٻڌڻ ٻڌائڻ جي حلقي ۾ شريڪ ٿيڻ جي عادت بڻايو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! کوڙ ساريون برڪتون ملنديون. حديث شريف جي مطابق جيڪو صبح جي وقت مسجد ۾ نيڪي سکڻ وڃي، ان کي عُمري جو ثواب ملندو آهي.[4] * صبح جو وقت نيڪين ۾ گذرندو ته برڪت ملندي. *


 

 



[1] مرآة المناجيح، جلد:1، صفحہ:172 ملتقطًا۔

[2] دارمی، المقدمۃ، باب فی ذھاب العلم، صفحہ:96، حدیث:254۔

[3] ابن ماجہ، باب فضل من تعلم القرآن و علمہ، صفحہ:48، حدیث:219 ۔

[4] مستدرک، کتاب العلم، باب من جاء المسجد...الخ، جلد:1، صفحہ:281، حدیث:317 ۔