Jannat Mein Aaqa Ka Parosi

Book Name:Jannat Mein Aaqa Ka Parosi

ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن جي بارگاھ ۾ ان خاتون جي ايثار جو ذڪر ڪيو ته سرڪار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: الله پاڪ انهيءَ ايثار جي سبب ان عورت جي لاءِ جنّت واجب ڪري ڇڏي آهي. (صحيح مسلم ص 1415 حديث 2630)

 

(3) يتيم جي پرورش

 پيارا اسلامي ڀائرو! جنت ۾ آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو پاڙو ڏيارڻ وارو ٽيون عمل آهي: يتيم جي پرورش ڪرڻ. جنت ورهائڻ واري آقا، محبوبِ خُدا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  جو فرمانِ عالي شان آهي: جنهن 3 يتيم ٻارن جي ڪفالت ڪئي اهو رات جو عبادت ڪرڻ، ڏينهن جو روزو رکڻ ۽ صبح ۽ شام الله پاڪ جي راھ ۾ جهاد ڪرڻ واري جيان آهي، مان ۽ اهو جنت ۾ ايئن گڏ هونداسين جيئن هي 2 آڱريون، پوءِ پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ شهات ۽ وچ واري آڱر ملائي ڇڏي.[1]

   بخاري شريف جي حديث پاڪ ۾ صرف هڪ يتيم جي ڪفالت تي به اها ئي خوشخبري ٻڌائي وئي آهي. البت! هن روايت ۾ ٿورو فرق بيان ٿيو آهي ته جڏهن حضور نبي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  پنهنجي شهادت واري ۽ وچين آڱر سان اشارو ڪيو ته ٻنهي آڱرين جي وچ ۾ ڪجھ فاصلو رکيو.[2]

اللہ کرم اتنا گنہ گار پہ فرما

جنّت   میں   پڑوسی  مِرے   آقا  کا   بنا   دے([3])

سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! يتيم ٻارن جي پرورش ڪيو، انهن جي سارسنڀال لهو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! جنت ۾ آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  جو پاڙو نصيب ٿيندو. جيڪڏهن اسان ٿوري توجھ ڪيون ته اسان جي خاندان ۾، پري ۽ ويجهن مائٽن ۾، گهٽي محلي ۾ يتيم ٻار عام طور تي موجود هوندا آهن، هنن مان ڪنهن


 

 



[1] ابن ماجہ، کتاب الادب، باب حق الیتیم، صفحہ:593،حدیث: 3680۔

[2] بخاری، کتاب الطلاق، باب اللعان،صفحہ:1361، حدیث:5304۔

[3]...وسائل بخشش، صفحہ:112۔