Jannat Mein Aaqa Ka Parosi

Book Name:Jannat Mein Aaqa Ka Parosi

رَضِىَ اللهُ عَنْهَا  جوش مان چيو: مَا اُبَالِیْ مَا اَصَابَنِیْ مِنَ الدُّنْیَا هاڻي مون کي دنيا ۾ ڇا پهچي ٿو، مون کي ان جي ڪا پرواھ ناهي.[1]

حضور  گهرڻ جو  شعور  به  ڏين ٿا

هڪ ڀيري هڪ اعرابي بارگاھِ رسالت ۾ حاضر ٿيو، ڪرم جي درياءَ جو وهڪرو جيڪو هر وقت ئي جوش ۾ رهندو هو، ان وقت به جوش ۾ هو، سرڪار عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: سَلْ مَا شِئْتَ یَا اَعْرَابِیُّ!   اي اعرابي! جيڪو چاهين ٿو گهري وٺ.

 صحابه ڪرام عَلَيۡهِم الرِّضْوَان فرمائن ٿا: اسان کي هن جي قسمت تي رشڪ اچي رهيو هو(ته ڪيتري وڏي پيشڪش ڪئي وئي آهي)، اسان سوچي رهيا هئاسين ته هاڻي هُو جنت جي طلب ڪندو. پر ان اعرابيءَ عرض ڪيو: يارسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! مون کي سُواري (مثلاً اُٺ، گهوڙو وغيره) ڏيو! فرمايائون: توکي سواري ڏني،  ٻيو ڪجھ گهرو...!! عرض ڪيائين: يارسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! سواري جو سامان(مثال طور ڪجاوو وغيره) به عطا فرمايو!

صحابه ڪرام عَلَيۡهِم الرِّضْوَان فرمائن ٿا: اسان کي ان اعرابي جي گهرڻ تي حيرت ٿي رهي هئي (ته هي ڇا گهري رهيو آهي، بهرحال!) اعرابي جيڪو ڪجھ گهريو اهو کيس ڏنو ويو. هاڻي پياري پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: اعرابي جي مطالبي ۽ بني اسرائيل جي پوڙهيءَ جي مطالبي ۾ ڪيترو فرق آهي....!! پوءِ پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ بني اسرائيل جي پوڙهيءَ جو واقعو بيان ڪيو: (جنهن جو خُلاصو هي آهي ته) جڏهن حضرت موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام بني اسرائيل کي وٺي مصر جي طرف وڃڻ لڳو ته الله پاڪ جي طرفان حڪم ٿيو ته: حضرت يوسف عَلَيۡهِ السَّلَام جو جسم مبارڪ به پاڻ سان گڏ کڻي وڃو!

(حضرت يوسف عَلَيۡهِ السَّلَام کي دنيا مان رخصت ٿيندي صديون گذري ويون هيون ۽  کيس درياء


 

 



[1] كتاب المغازی، غزوۃ احد، جلد:1، صفحہ:238 خلاصۃً۔