Jannat Mein Aaqa Ka Parosi

Book Name:Jannat Mein Aaqa Ka Parosi

پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کان گهري وٺو(هتي دنيا گهرو! اها به ملندي، آخرت گهرو! اها به ملندي).

گهرڻ جو  شعور به هئڻ گهرجي

پيارا اسلامي ڀائرو! اسان بارگاھ رسالت مان جيڪو چاهيون گُهري سگهون ٿا ۽ رسول ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم عطا به فرمائن ٿا پر ڳالھ هي آهي ته گهرڻ جو به هڪ طريقو آهي، انسان کي گُهرڻ به ته اچڻ گهرجي. يقيناً پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم کان دين ۽ دنيا جي هر ڀلائي گهري سگهون ٿا پر اوهان پاڻ غور فرمايو، مديني شريف حاضري ٿئي، ٻانهو سُنهري ڄارين جي سامهون بيٺل هجي ۽ ننڍي ڪا شيءِ گُهري، ڇا اهو سٺو لڳندو؟ در وڏو آهي ته شيءِ به ته وڏي گهري؟ ڏسو! حضرت ربيعه رَضِىَ اللهُ عَنْهُ ڪهڙي عظيم نعمت گُهري، عرض ڪيو:  يارسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! جنت ۾ اوهان جو پاڙو گهران ٿو.

   ڪجھ روايتن ۾ آهي: حضرت ربيعه رَضِىَ اللهُ عَنْهُ سوچڻ جي مُهلت گهري(يعني سندن چاهيو ته ايڏي وڏي پيشڪش ٿئي آهي، ڪٿي مان ننڍي شيءِ نه گهري ويهان. تنهنڪري سوچڻ جو وقت گهريائون)، پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ان کي مُهلت ڏني، پوءِ پاڻ سوچي سمجهي ڪري واپس موٽيا ۽ حضور اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي خدمت ۾ پنهنجي طلب پيش ڪيائين. پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم پڇيو: اي ربيعه! اهو گهرڻ جي لاءِ توکي ڪنهن چيو؟ عرض ڪيائين: يارسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! ڪنهن به نه چيو، مون غور فڪر ڪيو ته دُنيا فاني آهي، جلد ختم ٿي ويندي، پوءِ مون پسند ڪيو ته محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم کان آخرت گُهري وٺان ٿو.[1]

    سُبْحٰنَ اللہ! صحابي رسول رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جي تمنا ۽ خواهش ڏسو! ڪهڙي عظيم آهي. شيخ عبدالحق مُحدّث دهلوي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: (حضرت ربيعه رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جي عمل


 

 



[1] مسند امام احمد، مسند المدنيين، حديث ربیعۃبن کعب رَضِیَ اللہُ عنہ ، جلد:6، صفحہ:697 خلاصۃً۔