Jannat Mein Aaqa Ka Parosi

Book Name:Jannat Mein Aaqa Ka Parosi

(1)  سجدن جي ڪثرت

     هن مان معلوم ٿيو؛ ڪثرت سان سجدا ڪرڻ جنت ۾ آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جو پاڙو ڏيارڻ وارو عمل آهي.  

    سُبْحٰنَ اللہ! ڪيترو آسان عمل آهي....!! ڪثرت سان سجدا ڪرڻا آهن، اسان روزانو پنج ئي نمازون (فرض، سنتون ۽ نفل وغيره ملائي ڪري مڪمل) ادا ڪيون ته 48 رڪعتون ٿين ٿيون، هر رڪعت ۾ 2 سجدا، هي مڪمل 96 سجدا ٿي ويا، تهجد جي گهڻي تعداد نه سهي ته 2 نفل ادا ڪري وٺو، 100 سجدا ٿي ويا، اشراق چاشت جون گهٽ مان گهٽ 4 رڪعتون وڌيڪ شامل ڪيو! 108 سجدا ٿي ويا، 6 رڪعتون اَوّابين جا نفل شامل ڪيو! 120 سجدا ٿي پيا، 2 رڪعتون صلاةُ التُّوبه پڙهو! ڏينهن ۾ ڪنهن هڪ نماز سان نماز تَحيَّةُ الۡوُضُو پڙهي وٺو! تحية المسجد جا به 2 نفل پڙهي وٺو! هي ڪل 132 سجدا ٿي ويا، قرآن ڪريم ۾ سجدي جون 14 آيتون آهن، هي 14 جون 14 آيتون پڙهي ڪري، 14 سجدا ڪيو ته حاجتون پوريون ٿينديون، دين و دنيا جي هر حاجت پوري ٿيڻ جو بهترين وظيفو آهي ڪم و بيش 10 کان 12 منٽ لڳندا آهن، سجدي جون آيتون پڙهي ڪري 14 سجدا ڪيو! هي ٽوٽل 146 سجدا ٿي ويا، جيڪو اسان نهايت آساني سان هڪ ڏينهن ۾ ڪري سگهون ٿا.

ڪم ڪيترو آسان آهي، جيڪڏهن اسان ڪثرت سان سجدا ڪرڻ جي عادت بڻايون ته هن مان ڇا ملندو؟ الله پاڪ جو قرب ۽ جنت ۾ آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو پاڙو...!! سُبْحٰنَ اللہ!

وہ تو نہایت سستا سودا بیچ رہے ہیں جنّت کا

ہم  مفلس  کیا  مول  چُکائیں  اپنا  ہاتھ  ہی  خالی  ہے ([1])


 

 



[1]...حدائق بخشش، صفحہ:186۔