Jannat Mein Aaqa Ka Parosi

Book Name:Jannat Mein Aaqa Ka Parosi

کيس خواب ۾ هن حالت ۾ ڏٺو جو سندن سجدي واري جاءِ چمڪدار تاري جيان روشن آهي، ته عرض ڪيائين: هي اوهان جي چهري تي ڇا آهي؟ انهن عرض ڪيو: منهنجي پيشاني کي مٽي جي نقصان رسائڻ جي ڪري نوراني ڪيو ويو آهي. عرض ڪيائون: آخرت ۾ اوهان کي ڪهڙو مقام حاصل ٿيو؟ فرمايائون: بهترين گهر آهي، جنهن جا رهڻ وارا نه هتان کان منتقل ٿيندا آهن نه ئي انهن کي موت ايندو آهي. [1]

پيارا اسلامي ڀائرو! سجدو ڪرڻ جا ٻيا به کوڙ سارا فضائل ۽ فائدا آهن. شيخ طريقت، امير اهل سُنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو نهايت ئي پيارو ڪتاب آهي: فيضانِ نماز. هن ۾ نماز جا اهڙا اهڙا فضائل بيان ڪيا ويا آهن جو پڙهي ڪري دل خوشي مان جهومي پئي ٿي، هن ۾ هڪ باب آهي: سجدي جا فضائل. ان کي پڙهو! سجدي جي متعلق تمام گهڻي معلومات حاصل ٿيندي ۽ ڪثرت سان سجدو ڪرڻ جو ذهن به بڻجي ويندو. الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي. اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم

(2)  ڌيئرن جي پرورش

  پيارا اسلامي ڀائرو! جنت ۾ آقا جو پاڙو ڏيارڻ وارو ٻيو نيڪ عمل آهي: ڌيئرن جي سٺي پرورش ڪرڻ.

حضرت انس بن مالڪ رَضِىَ اللهُ عَنْه کان راويت آهي، الله پاڪ جي آخري نبي، محمد عربيصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان آهي: جنهن جون ٽي ڌيئرون هجن ۽ هُو ان جي معاملي ۾ الله پاڪ کان ڊڄي ۽ انهن جي پرورش ڪري ته اهو


 

 



[1] موسوعہ ابن ابی الدنیا، کتاب المنامات، جلد:3، صفحہ:59، حدیث:65۔