Jannat Mein Aaqa Ka Parosi

Book Name:Jannat Mein Aaqa Ka Parosi

مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم مُختارِ ڪُل آهن، کين  اهو اختيار ڏنو ويو آهي ته جنهن کي جيڪو چاهين عطا ڪن، جڏهن چاهين عطا ڪن، جيئن چاهين عطا ڪن. انهيءَ ڪري ته پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ حضرت ربيعه رَضِىَ اللهُ عَنْهُ  کي مطلقاً(يعني بغير ڪنهن قيد جي) فرمايو: سَلْ يعني گُهر جيڪو گهرڻو اٿئي؟ (يعني اي ربيعه! ڪابه پابندي ناهي *اسان کان دنيا گهرو، * آخرت گهرو، * مال و دولت گهرو، * ڊگهي زندگي گهرو، * خوشيون گهرو، * عزت ۽ مرتبو گهرو، * جنت گهرو، * الله پاڪ جو قرب گهرو، جيڪو به گهرندؤ ملندو). يقيناً اهڙي کُلي پيشڪش اُهوئي ڪري سگهي ٿو، جنهن وٽ واضح اختيار هجن جڏهن ته اسان جي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم حضرت ربيعه
 رَضِىَ اللهُ عَنْهُ کي اها پيشڪش فرمائي ته اهو هن ڳالھ جو دليل آهي ته الله پاڪ کين اختيار عطا فرمايا آهن جو جنهن کي جيڪو چاهين، جڏهن چاهين، جيئن چاهين عطا فرمائي سگهن ٿا.

ان کے ہاتھ میں ہر کنجی ہے                                                                                                           مالِکِ کل کہلاتے یہ ہیں

اِنَّاۤ اَعْطَيْنٰكَ الْكَوْثَر                                                                                                                                                             ساری کثرت پاتے یہ ہیں

رَبّ ہے مُعْطِی، یہ ہیں قاسِم                                                                                               رِزْق اس کا ہے کھلاتے یہ ہیں

بارگاهِ رسالت مان ڇا گهري سگهو ن ٿا

  پيارا اسلامي ڀائرو! حضرت ربيعه رَضِىَ اللهُ عَنْه  جي واقعي مان ٻي ڳالھ اها سکڻ جي لاءِ ملي ته بارگاھِ رسالت ۾ گهرڻ سان شرم، عار نه ٿيڻ گهرجي، اهي دنيا جا