Jannat Mein Aaqa Ka Parosi

Book Name:Jannat Mein Aaqa Ka Parosi

وضاحت: يارسول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جنت عطا ٿيڻ يا نه ٿيڻ الله پاڪ جي مرضي آهي، منهنجي خواهش اها آهي ته اهڙي جاءِ نصيب ٿي وڃي جتان کان اوهان جو ديدار ٿيندو رهي، هي گُل نصيب ٿي وڃي ته پوءِ جنت جا گل (يعني اُتان جي نعمتن) جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ مون کي جنت جي پاڪيزه شراب ملي يا نه ملي، البت اها سعادت ملي وڃي ته اوهان پنهنجي همڪلامي جو شرف عطا فرمايو. اوهان جي پياري پياري آواز جي مٺاڻ نصيب ٿي وڃي ته پوءِ ٻي ڪنهن مٺاڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟

  هي عاشقن جي آرزو هوندي آهي ته الله پاڪ جي رحمت ۽ پياري محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي شفاعت سان اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! جنّت ته ملي ئي ويندي، ڪاش! جنت ۾ آقا ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم  جو پاڙو به نصيب ٿي وڃي. اسان پنهنجي هن آرزو کي پورو ڪرڻ، هن عظيم الشان نعمت جو حقدار بڻجڻ جي لاءِ ڇا ڪري سگهون ٿا؟ ان جي لاءِ اَڄ اسان اُن نيڪ اعمال جو ذڪر ٻڌنداسين، جن تي جنت ۾ آقا ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جو پاڙو ملڻ جي خوشخبري ٻڌائي وئي آهي. سڀ کان پهريان اچو! هڪ ايمان اَفروز حديث پاڪ ٻڌون ٿا:

مون کي جنت ۾ پنهنجو پاڙيسري بڻائجان

حضرت ربيعه اسلمي رَضِىَ اللهُ عَنْهُ صحابي رسول آهن، اَصۡحابِ صُفَّه مان آهن، الله پاڪ جي آخري نبي، محمد عربي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جا خادم هئا، سفر توڙي اقامت جي حالت ۾ پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي صحبت جو شرف ماڻيندا هئا. پاڻ فرمائن ٿا: مان پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي حُجري مبارڪ جي ويجهو ئي رات گذاريندو هيس (ته جيئن وضو جي لاءِ پاڻي يا مسواڪ وغيره ڪنهن به شيءِ جي ضرورت هجي ته پيش ڪري سگهان)، پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي عادتِ ڪريمه هوندي هئي ته رات جو جڏهن بيدار