Jannat Mein Aaqa Ka Parosi

Book Name:Jannat Mein Aaqa Ka Parosi

انڪار ڪيو، پوءِ آواز آيو: اُن کي ڇڏي ڏيو! اسان هن يتيم تي رحم ڪرڻ جي ڪري ان کي بخشي ڇڏيو آهي، پوءِ جاڳي پيس ۽ انهيءَ ڏينهن کان مان يتيمن سان تمام گهڻو سٺو سلوڪ ڪندو آهيان.[1]

  الله پاڪ اسان کي رحمدلي نصيب ڪري ۽ اسان يتيمن، مسڪينن، بيڪسن جي سارسنڀال لهڻ  وارا، انهن سان خيرخواهي ڪرڻ وارا بڻجي وڃون.

                                                                                                                                                                                                                                    اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم 

(4) وڏن جو  اَدب، ننڍن تي شفقت

   پيارا اسلامي ڀائرو! جنت ۾ آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو پاڙو ڏيارڻ وارو هڪ نيڪ عمل وڏن جو اَدب ڪرڻ ۽ ننڍن تي شفقت ڪرڻ به آهي. جيئن سرور ڪائنات صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم حضرت انس رَضِىَ اللهُ عَنْهُ کي نصيحت ڪندي فرمايو: اي انس! وڏن جو اَدب و احترام ڪندا ڪيو ۽ ننڍن تي شفقت ڪيو، هن طرح توهان جنت ۾ منهنجو پاڙو ماڻي وٺندا. [2]

مَحفُوظ سَدا رکھنا شہا! بے ادبوں سے

اور  مُجھ  سے  بھی  سَرزَد  نہ  کبھی  بے  ادبی  ہو([3])

 


 

 



[1] مکاشفۃ القلوب ، باب فی الاحسان الی الیتیم واجتناب الظلم، صفحہ:343۔

[2] شُعْبُ الایمان،باب فی رحم الصغیر و توقیر الکبیر، جلد:7، صفحہ:458، حدیث:10981۔

[3]...وسائل بخشش، صفحہ:315۔