Jannat Mein Aaqa Ka Parosi

Book Name:Jannat Mein Aaqa Ka Parosi

هڪ يا الله پاڪ همت ڏني آهي ته 10،4،2 ٻارن جو خرچ پنهنجي ذمي تي کڻو! ماهوار خرچ، جوتا ڪپڙا، عيد ۽ خوشين جي موقعن تي ڪجھ شاپنگ وغيره ڪرائيندا رهو اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! روزي رزق ۾ برڪت به ٿيندي، ثواب به ملندو ۽ الله پاڪ چاهيو ته جنت ۾ آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  جو پاڙيسري بڻجڻ جا حقدار به بڻجي ويندا.

اَلحَمۡدُلله! شيخ طريقت، امير اهل سنت اُمَّت جا خيرخواھ آهن، پاڻ يتيمن، مسڪينن سان تمام گهڻي محبت ڪندا، انهن سان خيرخواهي ڪندا رهندا آهن. الله پاڪ جي فضل سان دعوت اسلامي مَدَني هَوۡم جي نالي سان يتيم خانا به بڻائي رهي آهي. ان مدني هَومز ۾ يتيمن جي پرورش ڪئي ويندي، ان جي بهتر تعليم و تربيت جو اهتمام ٿيندو ۽ انهن جي لاءِ چڱي روزگار جو به اهتمام ڪيو ويندو. اوهان به ان نيڪ ڪم ۾ دعوت اسلامي جو ساٿ ڏيو! الله پاڪ جيتري همت ۽ توفيق عطا فرمائي آهي، ان جي مطابق 2، 4، 10، 100، 200 يتيم ٻارن جا ماهوار اخراجات پنهنجي ذمي تي کڻو! اوهان جي ڏنل رقم مان يتيمن جي ڪفالت ٿيندي رهندي، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! اوهان کي ثواب ملندو رهندو.

 

يتيمن سان چڱي سُلوڪ جي برڪت

هڪ بُزرگ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائي ٿو: مان ابتدائي زندگي ۾ شراب جو عادي ۽ بري ڪردار جو مالڪ هيس، مون هڪ ڏينهن ڪنهن يتيم کي ڏٺو ته ان سان نهايت چڱو ورتاءُ ڪيو جيئن پيءُ پنهنجي پٽ سان ڪندو آهي بلڪه ان کان به سٺو سلوڪ ڪيو. جڏهن مان سُتس ته خواب ۾ ڏٺو ته جهنم جا ملائڪ انتهائي بي دردي سان مون کي گِهلي جهنم جي طرف کڻي وڃي رهيا آهن، انهيءَ دوران اوچتو اهو يتيم ٻار وچ ۾ اچي ويو ۽ چوڻ لڳو: هن کي ڇڏي ڏيو ته جيئن مان ربّ ڪريم سان هن جي باري ۾ گفتگو ڪيان پر انهن