Jannat Mein Aaqa Ka Parosi

Book Name:Jannat Mein Aaqa Ka Parosi

انهن کي عطا فرمائي ڇڏيو پر گڏوگڏ بني اسرائيل جي پوڙهي جو واقعو بيان ڪري اها ترغيب به ڏياري ته جڏهن گهرڻو هجي ته اهو گهرندا ڪيو جيڪو بني اسرائيل جي پوڙهيءَ گهريو هيو بلڪ هڪ روايت ۾ آهي، پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو:اََعَجَزْتُمْ اَنْ تَکُوْنُوْا مِثْلَ عَجُوْزِ بَنِیْ اِسْرَائِیْل يعني ڇا توهان اهو نٿا ڪري سگهو ته بني اسرائيل جي پوڙهيءَ وانگر ٿي وڃو![1]

يعني جيئن بني اسرائيل جي پوڙهي جنّت ۾ پنهنجي نبي حضرت موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام جو پاڙو گهريو هو، ايئن ئي جڏهن گهرڻ جو موقعو هجي ته توهان به جنت ۾ پنهنجي آقا جو پاڙو گهرو!

ایمان پہ دے موت مدینے کی گلی میں                                       مدفن مِرا محبوب کے قدموں میں بنا دے

اللہ کرم اتنا گنہگار پہ فرما                                                                                                               جنّت میں پڑوسی مِرے آقا کا بنا دے([2])

 صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                                           صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

 آقا جو پاڙيسري بڻائڻ وارا عمل

 پيارا اسلامي ڀائرو! شيخ عبدالحق محدث دهلوي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: جنت ۾ آقا جو پاڙيسري بڻجڻ جي صرف خواهش ڪافي ناهي، ٻانهي کي گهرجي ته ان جي لاءِ وسيلو به اپنائي يعني افضل نيڪيون ۽ عبادتون ڪري پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جو قرب به حاصل ڪري.[3] حضرت ربيعه اسلمي رَضِىَ اللهُ عَنْه واري روايت تي غور ڪيو! پاڻ جنت ۾ آقا جو پاڙو گهريو ته رسولِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم انهن کي ڪثرت سان سجدا ڪرڻ جي تلقين فرمائي.


 

 



[1] صحیح ابن حبان، كتاب الرقائق، باب الورع والتوکل، ذکر الخبر الدال...الخ، صفحہ:303، حدیث:723

[2]...وسائلِ بخشش،صفحہ:112۔

[3] .لَمْعَاتُ التَّنْقِیْح، کتاب الصلاۃ، باب السجود و فضلہ، جلد:3، صفحہ:31، تحت الحدیث:896۔