Jannat Mein Aaqa Ka Parosi

Book Name:Jannat Mein Aaqa Ka Parosi

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد 

ڏاڙهي رکڻ سُنَّتِ مصطفيٰ آهي

فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ: مُڇيون ڪٽرايو ڏاڙهيون وڌايو مجوسين جي مخالفت ڪيو!( مسلم، کتابُ الطہارت، باب:خِصَالُ الْفِطْرۃ، صفحہ:153، حدیث:257۔)

   پيارا اسلامي ڀائرو! ڏاڙهي رکڻ سُنَّتِ مصطفيٰ بلڪه سُنّتِ انبياء آهي * اسان جي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ڏاڙهي مبارڪ هميشه هڪ مُٺي جي مقدار رهندي هئي * جيڪڏهن هڪ مُٺي جي مقدار کان وڌي ويندي هئي ته گھٽ ڪرائيندا هئا * رسول ڪريم
 صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ڏاڙهي مبارڪ ويڪر ۾ اهڙي هئي جو سيني مُبَارڪ کي ڀري ڇڏيندي هئي۔( انوارِ جمالِ مصطفےٰ، صفحہ:157 خلاصۃً)

* اسان جا پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڏاڙهي ڪٽرائڻ ۽ مڇيون وڌائڻ کي سخت ناپسند ڪندا هئا * بهارِ شريعت ۾ آهي: ڏاڙهي ڪٽرائڻ يا هڪ مُٺي کان گھٽ ڪرڻ حرام آهي.( بہارِ شریعت، حصہ:16، جلد:2، صفحہ:586۔)

 مختلف سنّتون سکڻ جي لاءِ مڪتبةُ المدينه جو ڪتاب بهارِ شريعت جلد:3 حصّو: 16، ۽ شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو 91 صفحن جو رسالو 550 سنّتون ۽ آداب خريد ڪيو ۽ پڙهو، سنتن جي تربيت جو هڪ بهترين ذريعو دعوت اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقان رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر آهي.

سنتیں سیکھنے تین دِن کے لئے                                                                                ہر مہینے چلیں، قافلے میں چلو

  الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي.

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!  صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد