Jannat Mein Aaqa Ka Parosi

Book Name:Jannat Mein Aaqa Ka Parosi

ڌيءَ جي فضيلت تي 4 حديثون

   (1): الله پاڪ جي آخري نبي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: ڌيئرن کي برو نه سمجهو، بيشڪ اهي محبت ڪرڻ واريون آهن.[1] (2) هڪ حديث پاڪ ۾ آهي جنهن جي گهر  ۾ ڌيءَ پيدا ٿي ۽ اهو ان کي ايذاء نه ڏي ۽ نه ئي خراب سمجهي ۽ نه ئي پٽ کي ڌيءَ تي فضيلت ڏي ته الله پاڪ ان شخص کي جنّت ۾ داخل فرمائيندو.[2] (3) مسلم شريف جي روايت آهي: جنهن شخص تي ڌيئرن جي پرورش جو بارُ  اچي وڃي ۽ اهو انهن سان حُسنِ سلوڪ (يعني سُٺو ورتاءُ) ڪري ته اهي ڌيئرون ان جي لاءِ جهنّم کان آڙ بڻجي وينديون.[3] (4) هڪ ٻي روايت ۾ ڌيئرن جي متعلق وڏي پياري تعليم ڏني وئي آهي: فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم آهي؛ جيڪو بازار مان پنهنجي ٻارن جي لاءِ ڪا شيءِ آڻي ته اها انهن تي صدقو ڪرڻ وانگر آهي ۽ ان کي گهرجي ته ڌيئرن کان شروعات ڪري ڇوته جيڪو ڌيئرن کي خوش ڪري اهو خوفِ خدا ۾ روئڻ جي مثل آهي ۽ جيڪو خوفِ خدا ۾ روئي الله پاڪ ان تي جهنّم حرام فرمائي ڇڏيندو آهي.[4]

ڌيئرن تي ايثار ڪرڻ واري نيڪ خاتون

مومنن جي ماءُ، حضرت عائشه صديقه رَضِىَ اللهُ عَنْها فرمائن ٿيون: مون وٽ هڪ مسڪين عورت آئي جنهن سان گڏ ان جون ٻه ڌيئرون به هيون مون ان کي ٽي کجورون ڏنيون ان ٻنهي ڌيئرن کي هڪ هڪ کجور ڏني پوءِ جنهن کجور کي ان پاڻ کائڻ چاهيو ٿي ان جا ٻه ٽڪرا ڪري اها کجور به انهن يعني ٻنهي ڌيئرن کي کارائي ڇڏي. مون کي ان واقعي مان تمام گهڻو تعجب ٿيو مون نبيءِ


 

 



[1] مسند امام احمد، مسند الشامیین،حدیث عقبۃ بن عامر...الخ، جلد:7، صفحہ:200، حدیث:17837۔

[2] مستدرك، كتاب البر والصلۃ، باب من كن لہ ثلاث بنات...الخ، جلد:5، صفحہ:248، حدیث:7428۔

[3] مسلم، كتاب البر والصلۃ والآداب، باب فضل الاحسان الى البنات، صفحہ:1014، حدیث:2629۔

[4] .مكارم الاخلاق، باب العطف على البنات...الخ، جلد:3، صفحہ:303، حدیث:759۔