Jannat Mein Aaqa Ka Parosi

Book Name:Jannat Mein Aaqa Ka Parosi

مُبَارڪ مان اهو به معلوم ٿيو ته) سچي طالب کي گهرجي ته آخرت جون هميشه رهڻ واريون نعمتون گهري، خاص ڪري ڪامل ترين نعمت، افضل ترين ڪمال يعني جنت ۾ صاحبِ ڪمال، محبوب ڪائنات صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو پاڙو گهري، انهيءَ جي لاءِ ڪوشش ڪري، ان کان علاوه ڪنهن جي به طرف نگاھ کڻي نه ڏسي.[1]

سرکار کا در ہے، درِ شاہاں تو نہیں ہے                        جو مانگ لیا، مانگ لیا، اور بھی کچھ مانگ

سلطانِ مدینہ کی زیارت کی دُعا کر                                                                         جنّت کی طلب چیز ہے کیا اور بھی کچھ مانگ

آقا جو  پاڙو ئي گُهرو!

پيارا اسلامي ڀائرو! يقيناً دين ۽ دُنيا جون سڀئي ڀلايون اسان کي محبوبِ ذيشان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي صدقي ئي ۾ مليون آهن، آئنده به جيڪو ڪجھ ملندو، حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي صدقي ئي ملندو، البت اسان کي گهرجي ته دل ۾ صرف هڪ ئي خواهش رکون: مون کي جنت ۾ آقا جو پاڙو گهرجي. هن کان گهٽ شيءِ تي اسان کي راضي نه هئڻ گهرجي. اسان کي صحابه ڪرام عَلَيۡهِم الرِّضْوَان کان اهو ئي سبق سکڻ جي لاءِ ملي ٿو. هڪ ڀيرو پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم  حضرت اُمّ عماره رَضِىَ اللهُ عَنْهَا جي پٽ کي  مخاطب ٿي فرمائي رهيا هئا: الله پاڪ توهان سڀني گهر وارن تي برڪتون نازل فرمائي! تنهنجي ماءُ جو مقام فلاڻي کان بهتر آهي، تنهنجو مقام فلاڻي جي مقام کان بهتر آهي. حضرت اُمّ عماره رَضِىَ اللهُ عَنْهَا اها ڳالھ ٻڌي ته عرض ڪيائين: يارسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! اسان جي لاءِ دعا فرمايو ته جنت ۾ اوهان جو پاڙو نصيب ٿي وڃي. پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم  دعا فرمائي: اَللّٰهُمّ اجْعَلْهُمْ رُفَقَائِي فِي الْجَنّةِ  اي الله پاڪ! انهن کي جنت ۾ منهنجو ساٿي بڻاءِ. هي دعاءِ مصطفيٰ ٻُڌي ته حضرت اُمّ عماره


 

 



[1] لَمْعَاتُ التَّنْقِیْح، کتاب الصلاۃ، باب السجود و فضلہ، جلد:3، صفحہ:31، تحت الحدیث:896۔