Jannat Mein Aaqa Ka Parosi

Book Name:Jannat Mein Aaqa Ka Parosi

سجدن جي ڪثرت درجات جي بلندي آهي

 پيارا اسلامي ڀائرو! الله پاڪ جي حضور سجدو ڪرڻ نهايت ئي فضيلت وارو ڪم آهي. تابعي بُزرگ حضرت مَعدان بن ابو طلحه رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه بيان ڪن ٿا ته مان صحابي رسول حضرت ثوبان رَضِىَ اللهُ عَنْه سان مليس، مون عرض ڪيو: مون کي اهڙو عمل ٻڌايو جنهن کي مان ڪيان ته اُن جي برڪت سان الله پاڪ مون کي جنت ۾ داخل ڪري ڇڏي، يا (مون هي چيو ته) مون کي الله پاڪ جو سڀني کان پسنديده عمل ٻڌايو۔ حضرت ثوبان رَضِىَ اللهُ عَنْه خاموش رهيا. مون وري پڇيو، پاڻ خاموش رهيا. مون جڏهن ٽيون ڀيرو پڇيو، ته فرمايائون: مون رسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم کان هن باري ۾ سوال ڪيو هيو، پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو هيو: ڪثرت سان سجدا ڪندا ڪيو ڇوته توهان جڏهن به الله پاڪ جي لاءِ سجدا ڪندؤ، الله پاڪ توهان جو هڪ درجو بلند فرمائيندو ۽ ان جي بدلي توهان جي هڪ خطا معاف فرمائي ڇڏيندو.[1]

سجدو ڪندڙ عضوا دوزخ جي باهه کان محفوظ رهندا

 حضرت ابوهريره رَضِىَ اللهُ عَنْه کان روايت آهي، تاجدار مدينه صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمارشاد فرمايو: سجدي جي نشان کان سواءِ انسان جي سڄي جسم کي باھ ساڙيندي. الله پاڪ جهنم تي حرام ڪري ڇڏيو آهي ته هُو سجدي جي نشان کي ساڙي.[2]

نوراني پيشاني

حضرت ابو اسماعيل رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو جڏهن انتقال ٿيو ته گهر وارن مان ڪنهن


 

 



[1] مسلم، کتاب الصلاۃ، باب فضل السجود والحث علیہ، صفحہ:184، حدیث:488۔

[2] مسلم، كتاب الایمان، باب معرفۃطریق الرؤیۃ،  صفحہ:87-88، حدیث:182۔