Jannat Mein Aaqa Ka Parosi

Book Name:Jannat Mein Aaqa Ka Parosi

ڪنهن جو   اَدب ڪرڻ ضروري آهي؟

پيارا اسلامي ڀائرو! وڏن جو اَدب ۽ احترام نجات جو سبب ۽ جنت ۾ آخري نبي، مُحَمَّد عربي جو قرب ماڻڻ جو ذريعو آهي. لهٰذا اسان کي گهرجي ته جيڪي علم، عمر، عهدي ۽ منصب ۾ اسان کان وڏا آهن، انهن جو اَدب ۽ احترام بجا آڻيو ۽ اسان جي وڏن ۾ ماءُ پيءُ، چاچو، ماسڙ، مامو، وڏي ڀيڻ ڀاءُ ۽ ٻيا مائٽ، استاد، پير ۽ مرشد، عالم ۽ مشائخ وغيره سڀئي شامل آهن ۽ جيڪو عمر ۽ مقام ۽ مرتبي ۾ ننڍو هجي، ان سان شفقت ۽ محبت جو ورتاءُ ڪيو.

اَدب ڪيئن ڪيون؟

پيارا اسلامي ڀائرو! معاشرتي زندگي ۾ اسان جو پنهنجي وڏن سان واسطو پوندو رهي ٿو، انهي ڪري ضروري آهي ته اسان هر لحاظ سان انهن جي اَدب ۽ احترام جو خيال رکون، حضرت محَيّصَہ رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جي موجودگي ۾ حضرت عبدالرحمٰن بن سهل رَضِىَ اللهُ عَنْهُ  عمر ۾ ننڍا هجڻ جي باوجود ڳالھ جي ڪوشش ڪئي ته نبي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ انهن کي وڏن جو اَدب سيکاريندي فرمايو: وڏن کي ڳالهائڻ ڏيو.[1]

سُبْحٰنَ اللہ! هي اَدَب جي تعليم آهي ته جڏهن وڏا ڳالهائي رهيا هجن ته ننڍن کي خاموش رهڻ گهرجي. انهيءَ ڪري اسان کي گهرجي ته هر لحاظ کان وڏن جو اَدب ڪيون. مثلاً * کاڌو کائيندي وقت انهن کان پهريان کاڌو شروع نه ڪيو وڃي * مجلس ۾ ان کان پهريان گفتگو نه ڪئي وڃي، * انهن جي سامهون آواز اوچو نه ڪيو، * انهن کي تڪليف پڄائڻ کان بچو، * انهن کي نالو وٺي نه


 

 



[1] بخاری،کتاب الجزيۃ والموادعۃ، باب الموادعۃ المصالحۃ...الخ، صفحہ:814، حدیث:3173 خلاصۃً۔