Jannat Mein Aaqa Ka Parosi

Book Name:Jannat Mein Aaqa Ka Parosi

ڌيءَ ڄڻ جنت جي ٽڪيٽ آهي

پيارا اسلامي ڀائرو! اولاد عظيم نعمت آهي، الله پاڪ ڌيئرون عطا فرمائي، اها به ان جي عطا آهي، پٽ عطا فرمائي ته اها به انهيءَ جي عطا آهي. انهي ڪري اولاد جي چڱي پرورش جو ذهن بڻايو خاص ڪري ڌيءَ هجي ته ان جي پرورش خوب شوق ۽ ذوق سان ڪيو! عام طور ماڻهو پٽن کي پوڙهائپ جو سهارو سمجهندا آهن، هي هڪ چڱي اميد آهي نه ته پٽ وڏو ٿي ڪري پيءُ جو سهارو ٿيندو يا نه...!! هي نصيب جي ڳالھ آهي جڏهن ته ڌيءَ ته ايئن سمجهو ڄڻ ته جنت جي ٽڪيٽ آهي. اسان الله پاڪ جي رضا جا طلبگار ٿي ڪري، نيڪ نيت سان، خوش دلي سان ڌيءَ جي چڱي سارسنڀال ڪنداسين ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! جنت ۾ آقا جو پاڙو ماڻڻ جا حقدار بڻجي وينداسين.

افسوس....!!  ويچاريون ڌيئرون!

 اي عاشقانِ رسول! ڌيءَ رحمت آهي پر افسوس! جهالت جي زماني جي جهلڪ ٻيهر معاشري ۾ نظر اچي رهي آهي، ڪجھ ماڻهو اسلامي تعليم کي وساري ڌيءَ جي ڄمڻ کي برو سمجهڻ ۽ بي رحمي جو مظاهرو ڪرڻ لڳا آهن. ڏينهون ڏينهن ڌيئرن تي ٿيندڙ ظلم جون خبرون ڇپجنديون رهنديون آهن. ڌيءَ جي ڄمڻ تي غمگين ٿيڻ، ڪو مبارڪباد ڏئي ته ان کان ناراض ٿيڻ وغيره ته مَعَاذالله! عام ٿيندو پيو وڃي. تعجب جهڙي ڳالھ آهي! ڪجھ عورتون به نهايت سنگدل ٿي ويون آهن. ڌيءَ جي ڄمڻ کي بارُ سمجهڻ، ان کي منحوس خيال ڪرڻ، جنهن عورت کي رڳو ڌيئرون ئي هجن، ان کي طعنا ڏيڻ ۽ ٺٺولون ڪرڻ وغيره عورتن ۾ به ڏٺو وڃي ٿو حالانڪه هي پاڻ ڪنهن جون ڌيئرون آهن. افسوس! ويچاريون ڌيئرون! وڃن ته ڪيڏانهن وڃن...!!

اے بےکسوں کے آقا!  اب تیری دُہائی ہے