Jannat Mein Aaqa Ka Parosi

Book Name:Jannat Mein Aaqa Ka Parosi

پڪاريو، * انهن سان جيءُ، جناب، لَبَّيۡڪ وغيره اَدب وارن لفظن ۽ انداز سان ڳالھ ڪيو، وغيره وغيره. الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي. اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم

مَحفُوظ سَدا رکھنا شہا! بے ادبوں سے                                         اور مُجھ سے بھی سَرزَد نہ کبھی بے ادبی ہو([1])

(5) سُنت تي عمل

پيارا اسلامي ڀائرو!  جنت ۾ آقا  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو پاڙو ڏيارڻ وارو هڪ نيڪ عمل پياري آقا  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي سنت تي عمل ڪرڻ به آهي. حديث پاڪ ۾ آهي: رسول اڪرم شاھ بني آدم حضرت انس رَضِىَ اللهُ عَنْهُ  کي ارشاد فرمايو: پٽ ٿي سگهي ته پنهنجي صبح ۽ شام هن حالت ۾ ڪر جو تنهنجي دل ۾ ڪنهن جو ڪينو نه هجي. پوءِ فرمايائون: پٽ! ذٰلِكَ مِنْ سُنَّتِيْ يعني هي منهنجي سُنت آهي،  وَمَنْ اَحْيَا سُنَّتِيْ فَقَدْ اَحَبَّنِيْ، وَمَنْ اَحَبَّنِيْ كَانَ مَعِيَ فِي الْجَنَّةِ يعني  جنهن منهنجي سُنّت کي زندھ ڪيو ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنت ۾ مون سان گڏ هوندو.[2]

حڪيم الاُمَّت مفتي احمديار خان رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمانِ مصطفيٰ ” تنهنجي دل ۾ ڪنهن جو ڪينو نه هجي“ جي وضاحت ڪندي فرمائن ٿا: يعني مسلمان ڀاءَ جي طرفان دنياوي اُمور ۾ صاف دل هجي، سينو ڪيني کان پاڪ هجي، تڏهن اُن ۾ انوارِ مدينه ايندا. وڌيڪ فرمائن ٿا: جيئن اعمال ۾ سنتن جي پابندي ثواب جو باعث آهي، دل صاف رکڻ، چڱو اخلاق هجڻ به سُنت آهي. جنهن سان  رسول الله جو قرب حاصل ٿيندو. افسوس جو اڪثر ماڻهو هتي ٿڙڪي پوندا آهن. سنت جي


 

 



[1]...وسائل بخشش، صفحہ:315۔

[2] مشكوة المصابيح، كتاب الايمان، باب الاعتصام ...الخ،  فصل الثانی، جلد:1، صفحہ:55، حدیث:175۔