Jannat Mein Aaqa Ka Parosi

Book Name:Jannat Mein Aaqa Ka Parosi

شخص جنت ۾ مون سان گڏ هيئن هوندو. هي ارشاد فرمائيندي نبي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجي چئن ئي آڱرن جي طرف اشارو فرمايو.[1]  هڪ روايت ۾ 2 ڌيئرن جو ذڪر آهي ته جنهن 2 ڌيئرن جي پرورش ڪئي، مان ۽ اهو جنت ۾ هيئن هونداسين. پوءِ نبي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجن ٻنهي مبارڪ آڱرين کي ملائي ڪري اشارو فرمايو.[2]

ہر وقت جہاں سے کہ انہیں دیکھ سکوں میں

جنت  میں  مجھے  ایسی  جگہ پیارے  خدا  دے([3])

حڪيم الاُمت مفتي احمديارخان رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه مراٰة المناجيح ۾ فرمائن ٿا: عام طور پٽن مان دنياوي اميدون وابسته هونديون آهن ته هي جوان ٿي ڪري اسان جي خدمت ڪندا، اسان کي ڪمائي کارائيندا، نياڻين مان اها اميد ناهي هوندي انهي ڪري ڇوڪرين کي نپائڻ، ان تي صبر ڪرڻ ثواب آهي. ڇوڪريون چاهي ڌيئرون هجن يا ڀينرون.[4] وڌيڪ هڪ هنڌ فرمائن ٿا: خوش دلي سان 2 ڇوڪرين کي پالڻ چاهي پنهنجون نياڻيون هجن يا ڀينرون يا يتيم ٻارڙيون، قيامت جي ڏينهن قربِ مصطفيٰ جو ذريعو آهي ۽ جنهن کي ان ڏينهن حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جو قرب نصيب ٿي وڃي ان کي سڀ ڪجھ ملي ويندو.

گر مُحَمَّد کا ساتھ ہو جائے

پھر     تو     سمجھو     نجات     ہو     جائے([5])


 

 



[1] مسند امام احمد،مسند انس بن مالک، جلد:5، صفحہ:439، حدیث:12929۔

[2]  موسوعۃ ابن ابی الدنیا، کتاب العیال، باب فی احسان الی البنات، جلد:8، صفحہ:38، حدیث:115۔

[3]...وسائل بخشش، صفحہ:120۔

[4] مرآۃ المناجیح،جلد:6، صفحہ:564۔

[5]...مرآۃ المناجیح،جلد: 6، صفحہ: 546 بتغیر قلیل۔