Jannat Mein Aaqa Ka Parosi

Book Name:Jannat Mein Aaqa Ka Parosi

ڪشادي ڪندس، * ڌڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندس، * بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي مسلمانن کي سلام ڪندس، هٿ ملائيندس ۽ انفرادي ڪوشش ڪري نيڪيءَ جي دعوت پيش ڪندس. اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! 

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب!    صَلَّی اللہُ  عَلٰی مُحَمَّد      

پيارا اسلامي ڀائرو! اڄ آءُ هتي هڪ نهايت منفرد، ۽ ايمان اَفروز موضوع کڻي حاضر ٿيو آهيان، اُميد آهي ته هن موضوع جو نالو ئي ٻڌي عاشقن جون دليون جهومڻ لڳنديون، روح خوش ۽ ايمان تازو ٿي ويندو. موضوع ان عظيم الشان ۽ اعليٰ نعمت جي متعلق آهي جو هڪ سچو عاشق رسول سڄي عمر ان نعمت جي خواهش ڪندو آهي، ان جي لاءِ تڙپندو آهي، ان جي لاءِ دعا ڪندو آهي ۽ الله پاڪ جي رحمت سان آس لڳائي ان نعمت ملڻ جو انتظار ڪندو آهي، موضوع ڪهڙو آهي؟ ٿورو دل تي هٿ رکي ڪري ٻڌو! اسان جو اڄوڪو موضوع آهي: جنت ۾ آقا جو پاڙيسري.

  ڇا ته ايمان افروز موضوع آهي....!! ٿورو عاشقن جي امام، اعلي حضرت، امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه  جي تمنا ٻڌو! لکن ٿا:

جنّت نہ دَیں، نہ دَیں تری رُویَت ہو خیر سے

اس گُل کے آگے کس کو ہَوَس برگ و بر کی ہے

شربت نہ دَیں، نہ دَیں، تُو کرے بات لطف سے

یہ  شہد  ہو  تو  پِھر  کسے  پروا  شکر  کی  ہے([1])


 

 



[1]...حدائقِ بخشش،صفحہ:227۔