Jannat Mein Aaqa Ka Parosi

Book Name:Jannat Mein Aaqa Ka Parosi

بادشاھ ۽ اَمير هوندا آهن جو جتي سواليءَ کي گهرندي به سوچڻو پوندو آهي، گهرندي به ڊپ ٿيندو آهي ته هيءُ گهرون ته اهو ڏئي سگهندو يا نه، فلاڻي شيءِ گهران ته ڪٿي ناراض ئي نه ٿي وڃي.  مصطفي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جو در سڀني کان وڏي سخي جي درٻار آهي. هتي سوالي کي هٻڪائڻو ناهي پوندو، شرمسار ناهي ٿيڻو پوندو، اهو ڊپ ناهي هوندو ته هي شيءِ گُهران ته ملندي به اَلائي نه بلڪه

مانگ مَن مانتی، مُنْہ مانگی مُرادَیں لے گا

نہ  یہاں  نا ہے،  نہ  منگتا  سے  یہ  کہنا  کیا  ہے؟ ([1])

 ڏسو! حضرت ربيعه رَضِىَ اللهُ عَنْهُ بنا جهجڪ گُهريو ۽ ڇا گهريو؟ * ايمان تي خاتمو گهريو (ڇوته جنهن جو ايمان تي خاتمو نه ٿي، اهو جنت ۾ نٿو وڃي سگهي) |* نيڪين جي توفيق گهري(ڇوته جنت ۾ داخله الله پاڪ جي رحمت سان ملندي آهي پر اُتي بلند درجا نيڪ اعمال جي مطابق ملندا آهن)، قيامت جي ڏينهن اَعۡمال جي قبوليت گُهري (جو جنهن جا اعمال قبول ئي نه ٿين، ردّ ڪيا وڃن. اهو جنت ۾ بُلند مقام ڪيئن حاصل ڪري سگهندو) * پوءِ جنت ۾ نهايت اوچو رتبو به گهريو ۽ الله پاڪ جي آخري نبي، رسول هاشميصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم اهو سڀ ڪجھ پنهنجي صحابي کي عطا فرمايو، هن مان معلوم ٿيو ته اسان به حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم سان ايمان، مال، اولاد، عزّت، جنت سڀ ڪجھ گُهري سگهون ٿا، هي گهرڻ سُنّت صحابه آهي.[2]

جو چاہے ان سے مانگ کہ دونوں جہاں کی خیر

زَرِ  ناخریدہ  ایک  کنیز  ان  کے  گھر  کی  ہے([3])

وضاحت: ٻنهي جهانن جون سڀئي ڀلايون پياري پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي اختيار ۾ هن طرح ڏنيون ويون آهن جو ڄڻ هي سڀئي نعمتون پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي گهر جون خادمائون آهن. تنهنڪري جيڪو چاهيو ٿا،


 

 



[1]...حدائقِ بخشش،صفحہ:171۔

[2] مرآۃ المناجیح،جلد:2،صفحہ:84 بتغیر قلیل۔

[3]...حدائقِ بخشش،صفحہ:224۔