Imam e Azam Ki Mubarak Aadatein

Book Name:Imam e Azam Ki Mubarak Aadatein

ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهُم جي زيارت ڪئي، انهن ۾ ڪجھ وڏا بدبخت به ٿيا آهن، جيئن يزيد پليد هي صحابي رسول جو پٽ هيو، ان صحابه ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهُم جي زيارت به ڪئي آهي ته ڇا هي به هن آيتِ ڪريمه ۾ بيان ڪيل فضائل جو حقدار ٿيندو؟ انڪري وضاحت ڪري ڇڏيان ته هر اهو شخص جنهن کي صحابه ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهُم  جون صحبتون نصيب ٿيون آهن، اهو بخشل آهي، ايئن ناهي بلڪ هن آيتِ ڪريمه ۾ الله پاڪ ٻه شرط رکيا آهن، ارشاد فرمايو:

وَ الَّذِیْنَ اتَّبَعُوْھُمْ بِاِحْسَانٍ ۙ

ترجموڪنزالعرفان: ۽ ٻيا اهي جيڪي ڀلائي سان ان جي پيروي ڪرڻ وارا آهن. (پارہ:11،اَلْتَّوْبَہ:100)

آيتِ ڪريمه ۾ بيان ٿيل هنن لفظن جي وضاحت ڪندي مفسرينِ ڪرام فرمائن ٿا: صحابه ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهُم جي صرف پيروي ڪرڻ نجات جي لاءِ ڪافي ناهي، صرف پيروي ته مُنافق به ڪندا هئا، بلڪ انهن جي اِتّباع احسان سان گهرجي، احسان جي معنيٰ آهي: * چڱو چوڻ،
* چڱو سمجهڻ،  * چڱو مڃڻ. * يعني ٻانهو وات سان صحابه ڪرام
رَضِىَ اللهُ عَنْهُم جي تعريف ڪري * دل سان انهن کي چڱو سمجهي، مڃي * پوءِ انهن جي اِتّباع ڪري. احسانَ حضراتِ صحابه رَضِىَ اللهُ عَنْهُم ۾ ۽ عام مسلمانن ۾ فرق ڪري ڇڏيو ته انهن حضرات سان ربّ ڪريم مطلقاً راضي آهي جو هُو سابق ۽ اوّل آهن.. باقي رهياسين اسان ته اسان کان ربّ 2 شرطن سان راضي ٿيندو: (1) هڪ هي ته انهن کي پنهنجو متبوع يعني پيشوا مڃون ۽ (2) ٻيو هي ته صحابه ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهُم کي حق تي سمجهون، انهن کي