Imam e Azam Ki Mubarak Aadatein

Book Name:Imam e Azam Ki Mubarak Aadatein

ڪرڻ وارو آهي ۽ رمضان ڪفارو آهي. [1]

   هن مبارڪ مهيني ۾ عبادت جي ڀرپور ڪوشش فرمايو. شعانُ المعظم جون چار نهايت اهم عبادتون آهن، گهڻو نه ته اسان گهٽ ۾ گهٽ هنن چئن عبادتن جو ئي معمول بڻائي وٺون، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! کوڙ برڪتون نصيب ٿينديون.

(1): درود جي ڪثرت

   پيارا اسلامي ڀائرو! شعبانُ المعظم پياري آقا، مڪي مدني مصطفٰي
صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو مهينو آهي. حديثِ پاڪ ۾ آهي: شَہْرُ رَمَضَانَ شَہْرُ اللہِ وَ شَہْرُ شَعْبَانَ شَہْرِی رمضان الله جو مهينو آهي ۽ شعبان منهنجو مهينو آهي.[2]ڇو جو هي آقا جو مهينو آهي، ان ڪري درودِ پاڪ جي خاص طور تي ڪثرت ڪرڻ گهرجي. سرڪارِ غوثِ پاڪ، شيخ عبدُ القادر جيلاني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا:
 هو شَہْرُ الصَّلَاۃِ عَلَی النَّبِیِّ يعني شعبان نبي پاڪ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تي ڪثرت سان درودِ پاڪ پڙهڻ جو مهينو آهي. [3]

   تنهنڪري هن مهيني ۾ درودِ پاڪ جي ڪثرت ڪريو! حديثِ پاڪ ۾ آهي: هڪ ڀيرو دُرود شريف پڙهڻ واري تي 10 رحمتون نازل ٿينديون آهن ان جا 10 درجات بُلند ٿيندا آهن ان جي لاءِ 10 نيڪيون لکيون وينديون آهن ان جا 10 گناھ مٽايا ويندا آهن. [4]

فضول گوئی کی نکلے عادت، ہو دور بے جا ہنسی کی خَصلت

دُرُود پڑھتا  رہوں  میں  ہر  دم، امامِ  اعظم  ابو  حنیفہ!([5])


 

 



[1]...جامع صغیر، صفحہ:301، حدیث:4903۔

[2]...جامع صغیر، صفحہ:301، حدیث:4903۔

[3]...غنیۃ طالبی، مجلس فی فضل شہر شعبان، جلد:1، صفحہ:342۔

[4]...ترمذی، کتاب الوتر، باب فی فضل الصلاۃ علی النبی، صفحہ:144، حدیث:484۔

[5]...وسائلِ بخشش، صفحہ:574۔