Imam e Azam Ki Mubarak Aadatein

Book Name:Imam e Azam Ki Mubarak Aadatein

آهن.[1] اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ڇاته خوب فرمايو آهي:  

شافعی مالک احمد امامِ حَنیف                                                                                                                چار باغِ امامت پہ لاکھوں سلام([2])

وضاحت: فقه جا چارئي آئمه ڪرام: (1) امام شافعي (2) عالمِ مدينه امام مالڪ (3) امام احمد بن حنبل ۽ (4) امام اعظم رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡهم، امامت جي انهن چئن ئي باغن تي مهڪندڙ درود و سلام جا گل نڇاور ٿين.

امام اعظم رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه  جو علمي شان

حضرت اَزۡهَر بن ڪيسان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: هڪ ڀيري منهنجي قسمت جو تارو چمڪيو، مون کي خواب ۾ نبين جي نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي زيارت نصيب ٿي، شيخين ڪريمين يعني حضرت ابوبڪر ۽ عمر فاروق
 رَضِىَ اللهُ عَنْهما به گڏ هئا، مون حضرت ابوبڪر ۽ عمر فاروق رَضِىَ اللهُ عَنْهما جي خِدمت ۾ عرض ڪيو: مان رسولِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کان ڪجھ پڇڻ چاهيان ٿو؟ فرمايائون: پڇو پر آواز هلڪو رکجو. جيئن ته مون اَدب سان بارگاھِ رسالت ۾ عرض ڪيو: (يارسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ !) ابوحنيفه جي علم جي متعلق ڇا ٿا فرمايو؟ فرمايائون: ہٰذَا عِلْمٌ اِنْفَتَحِ مِنْ عِلْمِ خِضْر يعني ابو حنيفه جو علم اهو آهي جيڪو حضرت خضر عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم جي علم مان ڦٽي نڪتو آهي.[3]

سُبْحٰنَ اللہ! ڇا شان آهي اسان جي امام، امام اعظم رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو...!! حضرت خضر عَلَيۡهِ السَّلَام جو علم ڪهڙو آهي؟ هي به ٻڌي وٺو! الله پاڪ فرمائي ٿو:

وَ عَلَّمۡنٰہُ مِنۡ لَّدُنَّا عِلۡمًا (۶۵)

 ترجموڪنزالعرفان: ۽ ان کي پنهنجو علمِ لَدُنّي عطا فرمايو. (پارہ:15، اَلْکَہْف:65)


 

 



[1] تبیض الصحیفہ بمناقب ابی حنیفہ،ذکر تبشیر النبی صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّم بہ،صفحہ:32بتغیر قلیل۔

[2]...حدائق بخشش، صفحہ:314۔

[3] الخیرات الحسان،الفصل السادس و الثلاثون،صفحہ:96 ملتقطًا۔