Imam e Azam Ki Mubarak Aadatein

Book Name:Imam e Azam Ki Mubarak Aadatein

مفڪر، وڏا وڏا محدث. وڏا وڏا مُفَسّر سندن پکڙيل هن روشني جي ذريعي قرآن و حديث کي سمجهندا، اُمَّت جي راهنمائي ڪندا ۽ درست راهن جا مسافر رهندا آهن.

سِپِہْرِ علم و عمل کے سورج تمہی ہو سب ہیں تمہارے تارے

تمہی سے چمکا ہے جو بھی چمکا، اِمامِ اعظم ابو حنیفہ!

تمہارے آگے تمام عالَم نہ کیوں کرے زانوئے ادب خَم

کہ پیشوایانِ دین  نے  مانا، اِمامِ  اعظم  ابو حنیفہ!([1])

 وضاحت: اي پيارا اِمام اعظم! اوهان علم و عمل جي آسمان جا سج آهيو، اُمّت جا باقي وڏا وڏا عالم اوهان کان روشني وٺڻ وارا تارا آهن، اوهان جي بعد کان وٺي اُمّت علم جي روشني اوهان ئي کان وٺي رهي آهي، اوهان اهي عظيم الشان آهيو جو اُمّت جي وڏن وڏن امامن اوهان کي امام مڃيو آهي، انهيءَ ڪري تمام جهان اوهان جو اَدب ڪري ٿو.

هر نماز کان بعد دعا ڪيو!

علامه خطيب تبريزي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه  لکيو آهي: اَئمهِ زُهد(يعني تصوف و طريقت جا امام) فرمائن ٿا: اهلِ اسلام تي لازم آهي ته پنهنجي نمازن کان پوءِ حضرت امام اعظم رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي لاءِ دعائون ڪندا رهن ڇوته حضرت امام اعظم
 رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه اهي عظيم هستي آهن جن اُمّت جي خيرخواهي ڪندي سُنّت جي ۽ علمِ فقه جي حفاظت فرمائي آهي.[2] 


 

 



[1]... دیوان سالک، صفحہ:95۔

[2] الخیرات الحسان،الفصل الثالث عشر،صفحہ:46۔