Imam e Azam Ki Mubarak Aadatein

Book Name:Imam e Azam Ki Mubarak Aadatein

ڪرايان ٿو، اوهان دِل ۾ ارادو ڏسو ته اِنۡ شَآءَ الله چئي ان جو اظهار ڪريو: * عِلۡم دين سکڻ جي لاءِ سڄو بيان ٻڌندس * عِلمِ دين جو ادب ڪندي اَدَب سان ويهندس * بيان جا اَهم نڪتا (Points) لکي وٺندس * بيان جون جيتريون ڳالهيون ياد رهجي ويون، گھر وڃي گھروارن کي، ٻارن کي، دوست احباب کي ٻڌائي عِلم دِين ڦهلائڻ جو ثواب ڪمائيندس۔  

  حنفين جي لاءِ عظيم الشان بشارت

ڪروڙين حنفين جي امام، امام اعظم ابوحنيفه رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه پنهنجي زندگي مبارڪ ۾ 55 حج ڪيا، جڏهن پاڻ آخري ڀيرو حج جي سعادت حاصل ڪيائون ته سندن خواهش تي ڪعبي جي خادمن ڪعبي شريف جو دروازو کوليو، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه عاجزي جا پيڪر بڻجي اندر داخل ٿيا ۽ ڪعبي شريف جي 2 ٿنڀن جي درميان بيهي ڪري 2 رڪعت ۾ سڄو قرآنِ پاڪ ختم ڪيو. نماز ۽ تلاوت کان فارغ ٿيڻ کان بعد پاڻ دير تائين روئي ڪري الله پاڪ جي بارگاھ ۾ دعائون ڪندا رهيا، کين اڃا دعا ۾ ئي مشغول هئا ته ڪعبي شريف جي هڪ ڪنڊ مان آواز آيو: اوهان چڱي طرح اسان جي معرفت حاصل ڪئي ۽ خلوص سان عبادت ڪئي، اسان توکي بخشي ڇڏيو ۽ قيامت تائين جيڪو به اوهان جي مذهب تي هوندو (يعني اوهان جي پيروي ڪندو) ان کي به بخشيو ويندو.[1]

اي عاشقانِ امام اعظم! اَلحَمۡدُلله! اسان ڪيتري قدر خوش نصيب آهيون جو حضرت امام اعظم رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو دامن اسان جي هٿن ۾ آهي، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم!  هن دامنِ ڪرم جي صدقي قبر و حشر ۾، قيامت جي ڏينهن پلصراط تي ضرور ڪرم ٿيندو ۽ الله پاڪ چاهيو ته مصطفيٰ جان رحمت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي


 

 



[1] رد المحتار علی الدر المختار،مطلب:یجوز تقلید المفضول مع وجود الافضل،جلد:1،صفحہ:126 ملتقطًا۔