Imam e Azam Ki Mubarak Aadatein

Book Name:Imam e Azam Ki Mubarak Aadatein

صديقه رَضِىَ اللهُ عَنْها فرمائن ٿيون: الله پاڪ جي آخري نبي، مڪي مدني صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي مون شعبان کان وڌيڪ ڪنهن مهيني ۾ روزا رکندي نه ڏٺو، پاڻصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سواءِ ڪجھ ڏينهن جي پوري مهيني جا روزا رکندا هئا.[1] هڪ ڀيري پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خدمت ۾ سوال ٿيو: رمضان کان بعد ڪهڙا روزا افضل آهن؟ فرمايائون: رمضان جي تعظيم جي لاءِ شعبان جا روزا رکڻ. [2]

نفل روزن جا مختصر فضائل

   پيارا اسلامي ڀائرو!  مبارڪ حديثن ۾ نفل روزن جا ڪيئي فضائل بيان ٿيا آهن. ٽي روايتون بيان ڪريان ٿو: (1): جنهن ثواب جي اميد رکندي هڪ نفل روزو رکيو الله پاڪ ان کي دوزخ کان چاليھ سال (جو فاصلو) دور فرمائي ڇڏيندو.[3] (2): جيڪڏهن ڪنهن هڪ ڏينهن نفل روزو رکيو ۽ زمين جيترو ان کي سون ڏنو وڃي تڏهن به ان جو ثواب پورو نه ٿيندو ان جو ثواب ته قيامت جي ڏينهن ئي ملندو[4] (3): جڏهن ڪنهن هڪ ڏينهن نفل روزو رکيو الله پاڪ ان کي جهنّم کان ايترو پري ڪري ڇڏيندو جيترو زمين ۽ آسمان جو درمياني فاصلو آهي.[5]

(4) استغفار جي ڪثرت

   ڇوٿين اهم عبادت جيڪا شعبان ۾ ڪرڻ گهرجي اها توبھ ۽ استغفار آهي، ان جي حڪمت هي آهي ته شعبان جو مهينو جيترو عظمت وارو آهي، تمام گهڻو نازڪ به آهي، حديثِ پاڪ ۾ آهي: هي اهو مهينو آهي جنهن کان ماڻهو غافل آهن حالانڪه هن مهيني ۾ ماڻهن جا اعمال ربُّ العالمين جي بارگاھ ۾


 

 



[1]...ترمذی، کتاب:الصوم، باب:ماجاء فی وصال شعبان برمضان، صفحہ:206، حدیث:736۔

[2]...ترمذی، کتاب: زکوٰۃ، باب: فضیلتِ صدقہ، صفحہ:189، حدیث:663۔

[3]...کنز العمال، جز:8، جلد:8، صفحہ:255، حدیث:24148۔

[4]...مسند ابی یعلی، مسند ابو ہریرہ، جلد:4، صفحہ:459، حدیث:6123۔

[5]...معجم کبیر، جلد:7، صفحہ:49، حدیث:13742۔