Imam e Azam Ki Mubarak Aadatein

Book Name:Imam e Azam Ki Mubarak Aadatein

جي لاءِ روشن سج آهن، انتهائي ماهر مفتي ۽ عالم دين آهن.

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

امام اعظم  جو   حليو  مبارڪ

اي عاشقانِ امام اعظم! اسان جا امام امامِ اعظم رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه، * خوبصورت چهري وارا هئا * قد مبارڪ وچٿرو هو * پاڻ نهايت ئي عقلمند هئا، سندن چال عادتن ۽ انداز سان عقلمندي ظاهر ٿيندي هئي * لباس مبارڪ صاف سٿرو رکندا هئا * گهڻو ڪرم فرمائڻ وارا هئا * پنهنجي مسلمان ڀائرن جي مدد فرمائيندا هئا * تمام وڏا عابد * زاهد (يعني دنيا کان بي رغبتي رکڻ وارا) * الله پاڪ جي معرفت رکڻ وارا * تمام گهڻو خوفِ خدا وارا
* هميشه الله پاڪ جي رضا جي تلاش ۾ رهڻ وارا هئا.[1]

نعمان نالي جي وضاحت

پيارا اسلامي ڀائرو! اسان جي امام امامِ اعظم رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو پاڪيزه نالو نعمان آهي. علماءِ ڪرام هن نالي جون 3 معنائون ۽ ان جون حڪمتون بيان فرمايون آهن. جيئن علامه ابن حجر هَيۡتمي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: (1) نعمان رت کي چوندا آهن ۽ رت الله پاڪ جي اها نعمت آهي جنهن سان زندگي قائم آهي. اَلحَمۡدُلله! حضرت امام اعظم رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه پنهنجي نالي جي مطابق اهي عظيم الشان هستي آهن جو سندن بدولت سان قيامت تائين جي لاءِ علم فقه (يعني اسلامي احڪام و مسائل جو علم) قائم آهي. (2) هڪ ڳاڙهي رنگ جي خوشبودار ٻوٽي هوندي آهي، ان کي به نعمان چئبو آهي.[2] اَلحَمۡدُلله! هن معنيٰ


 

 



[1] تاریخِ بغداد،جلد:13،صفحہ:331-339 ملتقطًا۔

[2] الخیرات الحسان،الفصل الرابع،صفحہ:31۔