Imam e Azam Ki Mubarak Aadatein

Book Name:Imam e Azam Ki Mubarak Aadatein

ڪندا ڪريو. اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! * علمِ دين سکڻ جو موقعو ملندو * اوتري دير مسجد ۾ ويهڻ جو ثواب ملندو * نيڪ صحبت ۾ ويهڻ نصيب ٿيندو * گهران ئي درس ۾ شرڪت جي نيّت ڪري هلنداسين ته علمِ دين جي راهه ۾ هلڻ جو ثواب ملندو * اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! مخلوقَ ايستائين جو دريا جون مَڇون به دعا ڪنديون.

هوٽل جي زينت بڻجڻ وارو نوجوان

  حيدرآباد، سندھ جو مقيم هڪ اسلامي ڀاءَ پنهنجو واقعو هيئن بيان ڪري ٿو: مان گناهن ۾ايتري قدر ڦاٿل هيس جو مون کي پنهنجي زندگي جي قيمتي گهڙين جي برباد ٿيڻ جو بلڪل احساس نه هو، معمول مطابق ان ڏينهن به مان هوٽل ۾ موجود هيس ۽ ٽي وي تي هلڻ واري فلمي منظرن ۾ گم هيس ته ايتري ۾ سنتن ڀريو لباس پاتل هڪ اسلامي ڀاءُ منهنجي ويجهو آيو ۽ گرم جوشي سان مصافحو ڪرڻ کان بعد چوڻ لڳو: پيارا ڀاءَ ٻاهر چوڪ درس ٿي رهيو آهي. اوهان ڪجھ منٽ عطا فرمايو اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! کوڙ نيڪين جو خزانو هٿ ايندو.  مان ان جي خوش اخلاقي ۽ ملنساري سان متاثر ٿي ڪري هٿون هٿ ان سان گڏ هلي پيس. هوٽل جي ٻاهر هڪ اسلامي ڀاءُ فيضان سُنت مان درس ڏئي رهيو هو، ٻين اسلامي ڀائرن جيان مان به درس ٻڌڻ ۾ مصروف ٿي ويس، درس ٻُڌي ڪري منهنجي دل ۾ خوفِ خدا پيدا ٿيو ۽ مون سچي دل سان توبه ڪئي ۽ اسلامي ڀائرن جي صحبت اختيار ڪئي، جنهن جي بدولت ڪڏهن سُنتن ڀري اجتماع ۾ شرڪت جي سعادت، ته ڪڏهن مدني قافلن ۾ عاشقانِ رسول سان گڏ سفر نصيب ٿيڻ لڳو. آهسته آهسته مان ديني ماحول جي ويجهو ٿيندو ويس، آخرڪار هوٽلن جي زِينَت بڻجڻ وارو نوجوان درس جي برڪت