Imam e Azam Ki Mubarak Aadatein

Book Name:Imam e Azam Ki Mubarak Aadatein

  امامِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه  جون ڪجھ مبارڪ عادتون

   پيارا اسلامي ڀائرو! اسان ٻڌو! اسان جي پيارا آقا، مڪي مدني مصطفٰي
 صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ حضرت مُسَدّد رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي خواب ۾ تشريف آڻي ڪري فرمايائون: ابو حنيفه کان علم به سکو ۽ انهن جي سيرت، انهن جي ڪردار ۽ انهن جي عادتن ۾ انهن جي پيروي به ڪيو، ڇو جو ابو حنيفه نهايت سٺا انسان آهن. اچو! اسان امامِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي ڪجھ پاڪيزه عادتن ۽ پياري پياري سيرت جي متعلق ڪجھ ڳالهيون ٻڌون ٿا ۽ هن نيّت سان ٻڌون ٿا ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! انهن ڳالهين کي اپنائي ڪري سٺو انسان بڻجڻ جي ڪوشش ڪنداسين.

امامِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه  جون پاڪيزه عادتون

   امامِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جا خاص شاگرد امام ابو يوسف رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا:
(1): امامِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه حرام ڪمن کان هميشه بچندا هئا (2): علمِ دين کان علاوه گفتگو ڪرڻ کان ڊڄندا هئا (3): تمام گهڻو مجاهدو (يعني نيڪ ڪمن ۾ تمام گهڻي ڪوشش) فرمائيندا هئا (4): دنيا وارن جي سندن سامهون تعريف نه ڪندا هئا (5): اڪثر خاموش رهندا هئا (6): ديني مسئلن ۾غور و فڪر ڪندا رهندا هئا (7): نهايت ئي سادي ۽ نرم طبيعت جا مالڪ هئا (8): پاڻ کان ڪو سوال ڪندو هو ته قرآن و حديث مان ان جو جواب تلاش ڪندا هئا (9): طبيعت مبارڪ ۾ لالچ نه هئي (10): ۽ ڪنهن جو به ذڪر ٿيندو هو ته ڀلائي کان علاوه ڪجھ نه فرمائيندا هئا.[1]

غيبت کان دور(پري) رهندا هئا

   امامِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جو هڪ پاڪيزه وصف هي به هو ته پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه  ڪڏهن ڪنهن جي غيبت نه ڪندا هئا، ايستائين جو پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه ڪڏهن ڪنهن دشمن جي به غيبت نه ڪئي. هڪ ڀيري حضرت عبدُ الله بن مبارڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه حضرت


 

 



[1]... الخیرات الحسان،الفصل الرابع و العشرون،صفحہ:82 ملتقطًا۔